سياسي ڇڪتاڻ ۾ پيڙجندڙ خيرپور جو عوام!

0
123
سياسي ڇڪتاڻ ۾ پيڙجندڙ خيرپور جو عوام!

ملڪ ۾ هلندڙ عام چونڊن جو چوٻول تيزي وٺي چڪو آهي، سماج جي هر طبقي جو فرد پنهنجي پنهنجي علمي ۽ سياسي بصيرت سان ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجي سٿ جي اميدوارن کي ٽڪيٽ ملڻ يا نه ملڻ بابت راءِ ڏيندي نظر اچي ٿو، اهي پڻ بحث هاڻ سندن سياسي ڪچهرين جو محور بڻيل آهن ته ڪهڙي ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنهنجي تڪ ۾ ڪهڙيون عوامي سهولتون ڏنيون آهن، عوام اها پڻ راءِ قائم ڪري ٿو ته ملڪ جي سياسي بحرانن سبب مهانگائي چوٽ چڙهي آهي، غريب طبقو غريب کان غريب تر ٿيندو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي اهي شيون بحث بڻيل آهن ته عوام کان اوڳاڙيل بيشمار ٽيڪسون نيٺ ڪيڏانهن وڃن ٿيون؟

                 سموري سنڌ سميت خيرپور ۾ پڻ سياسي سرگرميون ان حوالي سان پنهنجي عروج تي آهن، خيرپور جا ٻه وڏا سياسي هائوس پ پ ۾ هجڻ باوجود متضاد سياسي رويي کي اپنائي ويٺل آهن ۽ هڪٻئي خلاف سوشل ميڊيا تي غير معروف ادارن پاران سروي ڪرايون پيون وڃن ۽ پنهنجي پنهنجي سوشل ميڊيائي ٽيم کان پنهنجي حق ۾ ڪيل سروي جو ووٽ ڏياري اهو تاثر قائم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سندن شخصيت عوام ۾ مقبول آهي. اهڙي هڪ سروي تازو سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿي جنهن ۾ خوابن جي شهزادي ۽ سينيئر سياسي اڳواڻ منظور حسين وساڻ، ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ نواب وساڻ بابت نظر آئي، جنهن ۾ ٽنهي سياسي شخصيتن بابت ڪيل سروي ۾ پنهنجن سوشل ميڊيائي ڪارڪنن کي ووٽ ڏيڻ جو پابند بڻايو. ڪيل سروي ۾ نفيسه شاهه کي تمام گهڻا ووٽ پيا، پر سوال اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن کي ڪيتري عوامي پذيرائي ملندي؟ اهو ته وقت ئي ثابت ڪندو،

خيرپور جي وساڻ ۽ جيلاني هائوس ۾ اندروني اختلاف هڪ ڏهاڪي کان چوٽ چڙهيل آهن، ٻئي هائوس پنهنجن پنهنجن ڪارڪنن کي پارٽي جي اتحاد کان مٿانهون رکندي پنهنجي پنهنجي قبضي ۾ رکندا پيا اچن، هڪ ڪارڪن جيڪڏهن ٻئي هائوس تي حاضري ڀري ٿو ته اهو ڪارڪن ٻئي هائوس جي گڊ بڪس مان نڪري وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ خيرپور جا جيالا سخت ڳڻتي ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن. تازو منظور حسين وساڻ پاران خيرپور ۾ ڏنل ٻن پريس بريفنگس ۾ انڪشاف ڪندي چيو ته هاڻي نوجوانن کي سياست ۾ اچڻ گهرجي، جنهن جي ڪري پنهنجي پٽ لاءِ سياسي ماحول جوڙيان پيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيرپور جي اين اي 208 تي منهنجي پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت چونڊجڻ جو موقعو ڏيندي. سندس اهڙي بيان بعد جيلاني هائوس خيرپور بابت ان سياسي بحث ۾ تمام تيزي اچي وئي، پڻ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ته منظور وساڻ اهو سياسي بيان ڏئي سياسي مائينڊ سيٽ جوڙڻ چاهي ٿو ۽ سندس اهڙو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، جڏهن ته تازو ضلعي ڪائونسل خيرپور جي چيئرميني فيض گنج جي راڄپر هائوس ڏانهن وڃڻ بعد خيرپور جا سياسي حلقا اهو سوچين ٿا ته هاڻي ضلعي جي سياسي مهار وساڻ توڙي جيلاني هائوس کان کسڪندي نظر اچي ٿي، جڏهن ته نثار کهڙي صوبائي صدر سنڌ طرفان پيپلزپارٽي صوبي جي ميئرز ۽ چيئرمينن جي نالن ۾ خيرپور ضلعي جي چيئرمين لاءِ شيراز شوڪت راڄپر جي نالي جو اعلان ڪيو هو ته خيرپور جي سياسي حلقن ۾ اهو تاثر جڙيو ته وساڻ هائوس جي اها سياسي ڪاميابي آهي، جنهن سان شيراز شوڪت هاڻي صوبائي چونڊ نه وڙهي سگهندو، پر رات وچ ۾ اعليٰ قيادت فيصلي کي تبديل ڪندي شيراز شوڪت جي ننڍي ڀاءُ نادر شوڪت جي ضلعي چيئرمين جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙي اعلان بعد خوابن جي شهزادي جا خواب ۽ سياسي ارمان اڌورا رهجي ويا آهن. ضلعي چيئرمينيءَ جي تبديلي بابت باوثوق ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته اهو فيصلو نامياري قانوندان بئريسٽر فاروق ايڇ نائيڪ اهو چئي تبديل ڪرايو ته بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر سپريم ڪورٽ ۾ پارٽي جي اهم ترين ڪيسن ۾ کيس معاونت ڪري ٿو، سندس ضلعي چيئرمين ٿيڻ سان ڪيس متاثر ٿيندا، جنهن لاءِ پارٽيءَ جي اعليٰ قيادت کي پنهنجو فيصلو تبديل ڪرڻو پيو، اهڙي سياسي ڀڃ ڊاهه وارن فيصلن بعد سياسي حلقن ۾ اهو تاثر جڙي رهيو آهي ته هاڻي خيرپور ۾ پ پ جو مضبوط هائوس راڄپر هائوس آهي،

اها سياسي رساڪشي ته سموري سنڌ ۾ آهي، پر اصل معاملو اهو آهي ته عوام سان سندن جائز مسئلا حل ڪرائڻ ۾ همدردي ڪير رکي ٿو؟ کاڌي پيتي سميت ٻين عام ضرورت وارين شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سبب عوام جي قوت خريد واري سگهه تمام گهڻي متاثر ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چونڊن ۾ ووٽر جي حيثيت ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ پورهيت ۽ مزدور طبقي سميت لوئر مڊل ڪلاس تمام وڏي پريشاني کي ڀوڳي رهيو آهي. ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي سان گڏوگڏ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، ڊرينيج، رهائشي علائقن جي صفائي سٿرائي، پيئڻ توڙي گهريلو استعمال لاءِ پاڻي جي عدم فراهمي، اکڙيل، ڀڳل، ڀريل ۽ هنڌان هنڌان ٽٽل روڊن رستن جي بحالي ۽ مرمت نه ٿيڻ، سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج جي سهولتن، بيسڪ کان وٺي اعليٰ تعليم، هنري سکيا ۽ بيروزگاري ۽ ٻين انيڪ سماجي مسئلن چونڊن دوران ووٽر طور مک ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن. ڏکيائي ۽ تڪليف وارين انهن لمحن ۽ گهڙين ۾ سياسي بساط تي نظر ايندڙ شخصيتون سرڪاري ادارن معرفت ڪهڙو رليف ڏيارينديون رهيون آهن، انهيءَ بابت پنهنجي طرفان ڪا ذاتي راءِ جوڙڻ کان بهتر عوام جي اجتماعي راءِ کي ڏٺو وڃي، جنهن جا واضح عڪس پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيائي ادارن سميت سوشل ميڊيا  تي پڻ نظر اچن ٿا.