موسمياتي تبديلي: سوڪ ۽ ٻوڏ جي گڏيل موسم!!

0
151
موسمياتي تبديلي: سوڪ ۽ ٻوڏ جي گڏيل موسم!!

 شايد اها موسمياتي تبديليءَ جي شروعات هُئي جڏهن مٺيءَ جي شهر ۾ ٻيڙيُون هليُون هُيُون، يا شايد اها به موسمياتي تبديلي آهي، جو هن وقت جتي ڀارت طرفان راوي ۽ چناب ۾ ڇڏيل پاڻيءَ جتي قصور سميت پنجاب جي مختلف علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، اُتي اڄ به لاڙ جا علائقا پاڻي جي لپ لاءِ تڙپي رهيا آهن ۽ اتي اڃان سارين جي پوکيءَ به ناهي ٿي ۽ هن وقت مُلڪ ۾ هڪ ئي وقت سوڪ ۽ ٻوڏ گڏ گڏ هلي رهيون آهن، اُن لاءِ ئي ته تبديلي جو لفظ جيڪو ٻُڌڻ ۾ ته تمام گهڻو سُٺو لڳي ٿو پر جيڪڏهن اها تبديلي منفي هُجي ۽ انسان جي زندگيءَ ۾ اچي ته اُن سان زندگي تمام گهڻي متاثر ٿيندي آهي. تبديلي ڪيترن ئي طريقن سان توهان تي اثرانداز ٿيندي آهي.

                 ان جا اثر ايترا ته خطرناڪ هوندا آهن، جو ان جا اثر سدائين لاءِ توهان جي زندگي تي نقش ٿي ويندا آهن. ڪجهه تبديليون توهان ڄاڻي واڻي ڪندا آهيو، ڪجهه تبديليون قدرت پاران توهان جي زندگي ۾ اينديون آهن. تبديلين جا ڪيترائي قسم هوندا آهن پر اڄ اسان جنهن تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، اها موسمياتي تبديلي آهي.

موسمياتي تبديلي ڇا آهي ۽ اها ڪهڙي طرح انساني زندگي تي اثرانداز ٿئي ٿي؟ اڄڪلهه جهڙي طرح موسمياتي تبديلي پنهنجا اثر ڇڏي رهي آهي، اهي تمام خطرناڪ ٿي ويا آهن. پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات لاهور ۽ خيبر پختونخوا ۾ پئي آهي.

موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي ۽ مختلف ادارن پاران پڻ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. تيز برساتن جي ڪري ڪجهه ماڻهن جي فوت ٿيڻ جون خبرون به رپورٽ ٿي چڪيون آهن. ان کانسواءِ اين ڊي ايم اي ۽ موسميات کاتي پاران سياحن جي لاءِ پڻ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته اهي ڪجهه وقت گهمڻ ڦرڻ وارن علائقن کان پاسو ڪن. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ تيز برساتن سبب پاڪستان ۾ پاڻي ڇڏڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ راوي ۽ چناب دريائن ۾ ٻوڏ جي صورتحال بڻجي وئي آهي، جنهن جي ڪري آبادي ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 20 جولاءِ (اڄ) تائين حساس علائقن خاص طور تي چناب درياءَ ۽ راوي درياءَ جي ڀرپاسي وارن علائقن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. راوي سميت ٻين دريائن ۾ پاڻي معمول موجب وهي رهيو آهي ۽ سڀني دريائن، بئراجن، ڊيمن ۽ نالن ۾ پاڻي جي چاڙهه جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. اين ڊيم ايم اي جو چوڻ آهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ برسات لاهور شهر ۾ پئي آهي ۽ اڃا وڌيڪ برسات جي پوڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان موسمياتي تبديلي جي ماهر نصير ميمڻ جو چوڻ آهي ته هن سال چوماسي جي جيڪا اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اها ڪجهه بهتر آهي، گذريل سال جيان شديد برساتون نه آهن پر ان کان اڳ شروعاتي چوماسي ۾ جيڪا صورتحال ڏٺي وئي، خاص طور تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون جنهن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو هيستائين اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. نصير ميمڻ جو چوڻ هو ته چوماسي جي اڳڪٿي پنهنجي جاءِ تي پر اسان جي تياري مڪمل هجڻ گهرجي. گذريل سال جيڪا صورتحال هئي، ان مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ان ۾ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ گورنمينٽ احتياط طور انهن علائقن جتي دريائي ٻوڏ ۽ جابلو ٻوڏ جو خطرو رهي ٿو، انهن علائقن ۾ اڳواٽ ڪئمپن ۽ ريليف جو بندوبست ڪيو وڃي،

جيڪڏهن ڪا اهڙي صورتحال ٿي پوي ته اناج جو ذخيرو اڳواٽ ئي موجود هجي، ائين نه ٿئي جو گذريل سال وانگر ماڻهو دربدر ٿي وڃن ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ٿي پوي. جيڪڏهن شهرن ۾ تيز برسات پوي ٿي ته اربن فلڊ اچي ٿو. ان لاءِ ضروري هوندو آهي ته واٽر پمپنگ اسٽيشنز تيار هجن. نصير ميمڻ جو چوڻ هو ته فيول بيڪ اپ ۽ جنريٽر وغيره موجود هجن ته جيئن شهرن مان پاڻي کي وقت سر ڪڍي سگهجي ۽ ٻيو ته سم ناليون ۽ نيڪال جو سسٽم جيڪو شهرن ۾ آهي، خاص طور تي پائيپ ڊرينيج يا اوپن ڊرينيج آهي، انهن کي برسات جي موسم کان اڳ صاف ڪرايو وڃي.

ڪجهه سالن ۾ اسان موسمياتي تبديلين کي تمام تيزي سان تبديل ٿيندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن هن سال جي ڳالهه ڪريون ته دنيا جي ڪجهه حصن ۾ سخت گرمي ته ڪجهه حصن ۾ برساتن ۽ طوفانن تباهي مچائي ڇڏي آهي.

پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ تيز برسات تباهي آڻي ڇڏي. پاڪستان ۾ ننڍي ٻوڏ سبب 70 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا آهن.

تبديلي ڪنهن به صورت ۾ هجي، اها انسان جي زندگي ۾ ڪيترائي اثر ڇڏي ويندي آهي، پوءِ اها تبديلي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ٻئي سبب زندگين تي ان جا اثر ڪافي سالن تائين رهندا آهن. شايد زندگي جي لاهن چاڙهن جو نالو ئي اهو آهي، اسان کي هر صورت ۾ ان تبديلي کي قبول ڪرڻو پوندو.