ھنڱورجا (ن پ ا) سنڌ پيرا وٽرنري اسٽاف ايسوسيئيشن پاران اسٽاڪ اسسٽنٽن جي ڀرتي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ  گريجوئيشن لاڳو ڪرڻ واري شرط خلاف ھنڱورجا ۾ مرڪزي چيئرمين عبدالغفار سومرو، عزيز کوسو، غلام حسين بھلڪاڻي، اسماعيل لاکو، اصغر ڀٽي، ھمٿ سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي پاران اسٽاڪ اسسٽنٽن جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ توڙي گريجوئيشن وارو شرط لاڳو ڪرڻ وڏي ناانصافي آھي،  هنن چيو ته لائيو اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري لاءِ ميٽرڪ  پاس ھجڻ سان گڏ ڊپلوما پاس ڪيل نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون هيون پر ھن ڀيري ھڪ سازش تحت نوڪرين جا جيڪي اشتھار جاري ڪيا ويا آھن انھن ۾ شرط لاڳو ڪري نوجوان کي نوڪرين کان محروم رکيو پيو ويندو.