سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ زوار الياس مڱڻيجو ۾ ڪجهه عرصو پهريان مڱڻيجا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو ٻنهي ڌرين جي راضپي سان نور خان چانڊيو جي سرپئنچي ۾ سندس ڳوٺ فقير آباد گمبٽ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين تي هڪ _هڪ خون ثابت ٿيو، شيخ برادري تي ٻانهن اغوا ڪرڻ جو ڏوهه به ثابت ٿيو، فيصلي ۾ مڱڻيجا برادري جا مشير حاجي ڪريم ڏنو بڊاڻي، نظير سھتو ۽ شيخ برادري جا مشير غلام مصطفيٰ بگٽي، الطاف مشوري، دينل شاهه هئا، فيصلي ۾ شيخ برادري تي ٻانهن اغوا ڪرڻ جا 5 لک ۽ هڪ عورت جيڪا اميد سان هئي ان کي قتل ڪرڻ جا 30 لک يعني ٽوٽل 35 لک ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته مڱڻيجا برادري تي شيخن جو هڪ خون ثابت ٿيڻ تي 20 لک ڏنڊ وڌو ويو، مڱڻيجا برادري جي نيڪ مرد محمد رمضان چيو ته مڱڻيجا برادري شيخ برادري کي قرآن پاڪ تي ثابتي ڏيندي ته شباناس مڱڻيجو کي شيخ برادري ئي قتل ڪيو آھي ۽ ٻنهي ڌرين جو کنيل گهرو سامان جو به پاڻ ۾ قرآن پاڪ تي حساب ڪيو ويندو، جنهن بعد ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو ۽ دعا گهري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو.