تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ويجهو ڳوٺ ڪنڍو بکراڻي ۾ 6 ڏينهن اڳ نينگر عبد الرحمان بکراڻي کي ٻن جوابدارن پاران بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري جو نبيرو ڪيو ويو، سوڀو بکراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيل نبيري ۾ الزام هيٺ آيل ثناءُ الله جعفري مٿان الزام ثابت ٿيڻ تي 12 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، متاثر ڌر نينگر جي وارث عبدالعلي بکراڻي کي هڪ لک روپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، فيصلي بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.