ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون 1600 رپيا سستو: ڊالر311 رپين تي برقرار: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1600 رپيا لاٿ سان 236100 مان 234500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون هڪ ڊالر جي لاٿ سان 1945 ڊالي في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن چاندي 50 رپيا واڌ سان 3030 مان 3080 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾311 رپين تي بيٺل رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 26 پئسا واڌ سان 285.41 رپين تي بند ٿيو، ڊالر هڪ موقعي تي 316 رپينجي بلند سطح تي پهتو هو، هوڏانهن پائونڊ 50 پئسا لاٿ سان 384.5 مان 384 ۽ يورو هڪ رپيو واڌ سان 333 مان 334 رپين تي پهتا، ٻئي طرف  اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ هفتي کانپوءِ بهتري ٿي، ڪالهه 100 انڊيڪس 375 پوائنٽن جي واڌ سان 41340 تي بند ٿي،هڪ موقعي تي 500 پوائنٽن جو اضافو پڻ ريڪارڊ ڪيو ويو، ڪالهه 34 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا.