سوشل ميڊيا تي پئسا ڦُرڻ جو هڪ نئون نمونو: ڪير ڪيئن ڦرجي ويو ۽ ڪير بچي ويو؟

0
40

 سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ڦرڻ جا مختلف طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي معاملو اٿاريو ويو، گلاب پرمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا تي پئسا ڦُرڻ جو هڪ نئون نمونو آيو آهي، مان چاهيندس ته پنهنجن دوستن کي آگاهي ڏجي ته جيئن اهڙين وارداتن کان بچي سگهن.

                         آئيڊيز هيڪ ڪري يا ان جي نالي ۽ ڦوٽو سان ٻيو پروفائيل ٺاهي پوءِ ان جي دوستن کان ڪا مجبوري يا ٻيا ڪي مسئلا پيش ڪري پئسا گهرڻ يا ان جي نالي ۽ ڊي پي سان واٽس ايپ اڪائونٽ ٺاهي دوستن کي پئسا گهرڻ جا ڪجهه نوان طريقا اچي ويا آهن

                         ڪراچي توڙي ٻين وڏن شهرن ۾ باقاعده سينٽر کلي ويا آهن جيڪي باقاعده ٽريننگس ڏين ٿا ته ماڻهن کي ڪيئن ڦُرجي ڪال سينٽر جي نالي سان ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ نالي سان سينٽر کليل آهن جيڪي ملڪ توڙي ٻاهرين ماڻهن کي ڦرين ٿا.

مونکي ناهي علم ته انهن سينٽرن بابت اسان جا ادارا باخبر آهن الائي نه انهن بابت ڪو قانون جُڙيل آهي الائي نه؟

تازو مونسان پيش آيل وقعو اوهان آڏو رکان ٿو.

منهنجو ننڍپڻ جو دوست نالي صدام نهڙي جيڪو هينئر ٻاهرين يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ تي پڙهي رهيو آهي جنهن سان هينئر منهنجو تعلق صرف فيس بڪ تائين ئي محدود هيو هي دوست انتهائي هوشيار ۽ بهترين طبيعت جو مالڪ آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان مونکي سعودي عرب جي نمبر تان ميسيج آيو جيڪو رومن اردو ۾ ميسيج ڪري رهيو هو سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ چيائين ته گلاب مون هتي ڪجهه پئسا جمع ڪيا آهن جيڪي مان اوھان ڏي امانت طور رکڻ چاهيان ٿو.

مونکي ذهن ۾ ڪيئي سوال اچڻ لڳا پر مان منع نه ڪري سگهيس ۽ پنهنجو اڪائونٽ ڏيئي ڇڏيو هن چيو ته اوهان آنلائن رهو مان جلد پئسا موڪلي رسيپٽ موڪليان ٿو ۽ واقعي 10 منٽن اندر هن مونکي 17 لک 50هزار 500  جي رسيپٽ موڪلي ۽ چيو ته 24 ڪلاڪن اندر پئسا اوهان جي اڪائونٽ ۾ ايندا هن وچ ۾ مون پاڻ کي مسئلن کان بچائڻ خاطر مختلف بئنڪنگ جي دوستن ۽ ٻين مددگار دوستن سان اها ڳالھه شيئر ڪري ڇڏي هئي متان سڀاڻي مون لاءِ ڪو مسئلو ٿئي

هن دوست مونکي هڪ نمبر موڪليو ۽ چيو ته منهنجي ويزا جي اڄ آخري تاريخ آهي ۽ هن کي 4 لک 45 هزار ڏيئي ويزا جو وقت وڌائڻو آهي اوهان هن کي واٽس ايپ تي ڪال ڪري سڀاڻي لاءِ ٽائيم وٺو سڀاڻي جيئن پئسا اڪائونٽ ۾ اچن 4 لک 45 هزار  ڪڍرائي هن کي ڏجو باقي اوهان پاڻ وٽ رکجو.

مون ڏنل نمبر تي فون ڪيو همراهه اردو ۾ ڳالهائي رهيو هو، مون رواجن پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايو ته صدام نهڙي جي ويزا وڌائڻي آهي همراهه وراڻيو ته جلدي ڪيو پئسا موڪليو مون چيو اڄ مان ٻهراڙي آهيان ۽ سڀاڻي پئسا موڪليندس سڀاڻي لاءِ وقت ڏيو. هن وقت منجهند جا 12 ٿيا هئا همراهه چيو ته اڄ 2 وڳي تائين پئسا نه مليا ته ويزا ڪينسل ٿي ويندي ۽ صدام گرفتار ٿي ويندو ۽ صدام کان علاوه هڪ ٻيو ساهيوال جو ڇوڪرو به آهي.

 مون چيو ته ٿورو وقت ڏيو مان ڪجهه ڪيان ٿو ۽ اوهان پنهنجو اڪائونٽ نمبر موڪليو جنهن تي پئسا موڪلڻا آهن هن پڇيو ته ڪهڙو اڪائونٽ ڏيان بئنڪ، ايزي پئسا، يا جيز ڪيش؟ مون چيو بئنڪ اڪائونٽ تڏهن هن پنهنجو چيڪ جو ڦوٽو ڪڍي موڪليو.

ايئن ڪري ڪال ڪٽي صدام کي ميسيج ڪيو ته همراهه چوي پيو اڄ ئي پئسا ڏيو جڏهن ته مون وٽ ايترا پئسا ناهن

صدام چيو مهرباني ڪيو ڪجهه به ڪيو پئسا ڪري ڏيو نه ته مان گرفتار ٿي ويندس.

بار بار ٻئي اهو پيا پڇن ته اوهان وٽ هينئر ڪيترا پيا آهن؟ منهنجو رپلاءِ هيو ته هينئر بلڪل به ناهن.

ڪنهن دوست کان هڪ ڏينهن لاءِ پئسا کڻو ۽ موڪلي ڏيو، جيڪڏھن پنج ڏھه ھزار هن کي مٿي ڏيڻا پون ته ڪو اشو ناهي ڪري موڪليو نه ته مان گرفتار ٿي ويندس.

مون چيو ٺيڪ آهي مان ڪجهه ڪيان ٿو

ايئن ڳالهيون هلنديون رهيون وقت گذرندو ويو

ويزا وارو ڪالون ميسيج ڪندو رهيو ۽ صدام روئڻ جا اسٽيڪر موڪليندو رهيو ته گلاب منهنجا ٻيا ٻه دوست گرفتار ٿي چڪا آهن اوهان جلدي ڪيو

وري ٿوري دير ۾ چيو ته مان گرفتار ٿيڻ وڃي رهيو آهيان هاڻي مونکي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

جيئن ته مونکي ٿوري گهڻي ويزا بابت ڄاڻ هئي انڪري مون صدام کان ويزا جو ڦوٽو گهريو ته هن چيو آفيس ۾ جمع آهي.

تڏهن مون سنڌي ۾ وائيس ڪيو ته صدام اهڙي ڪابه پاليسي ناهي ويزا وڌائڻ جا پئسا ناهن لڳندا اوهان کان ڪو غلط بياني ڪري پيو اوهان بي فڪر ٿي ويهو ڪجهه نه ٿيندو.

اها منهنجي وائيس صدام نه سمجهي سگهيو تڏهن منهنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته اهو صدام ڪونهي ڇو جو صدام ڍاٽڪي سنڌي سڀ ڳالهائيندو، لکندو ۽ سمجهندو آهي هن کي اچانڪ ڇا ٿي ويو.

اڃا ڳالهيون هلن پيو وقت شام جا 4 ٿين پيا صدام چيو ته هاڻي مان گرفتار ٿي رهيو آهيان وري الائي ڳالھه ٿي يا نه ايئن چئي صدام گرفتار ٿي ويو.

نوٽ

مان اڪائونٽس جا اسڪرين شارٽ رکان ٿو جيڪي ڪجهه ڏينهن پهريان ۽ هاڻي جا آهن، هي اڪائونٽ اڃا تائين موجود آهن بئنڪ اڪائونٽ جو چيڪ ۽ اڪائونٽ نمبر سڀ موجود آهن ڏسجي ته لاڳاپيل ادارا ڇا ٿا ڪن.

ياد رهي ته مون وٽ پئسا هجن ها ته شايد مان موڪلي ڇڏيان ها پر سٺو ٿيو جو هئا ئي ڪونه

پوءِ ڪافي دوستن سان شيئر ڪيو ته هر ڪنهن پنهنجا تجربا شيئر ڪيا ۽ ڪيترائي دوست پئسا موڪلي چڪا آهن ۽ عزت بچائڻ خاطر ڪنهن کي چون ئي نه پيا.

ياد رکو اهڙي صورتحال ۾ اوهان ضرور پنهنجي ويجهي دوستن کان صلاح مشورو وٺو ۽ ميسيجن تي اعتبار نه ڪيو ڌڻي پاڻ کان فون تي ڳالهائي ڪنفرم ڪيو جلد بازي کان بچو. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وشنومل لکيو ته اسان جو سادو ماڻهو هن قسم جي فريب کان ڪئين ٿو بچي سگھي، موهن پرمار لکيو ته ھي ھڪ گروهه آهي جو وقت به وقت تي ميسيج ڪندو رھي ٿو مونکي ڪافي چڪر ڪالون آيون ميسج آيا، شنڪر پرمار لکيو ته مونسان ته آخر ۾ 10 ھزار تائين به لڙيا جڏهن 2.5 لکن جو چئي پوءِ ايترو لھي آيا پڪ سمجھي اھو پراڻو ھلي پيو ھن نمبر تان ڪال آئي هئي گڏ ڪري ڇڏيوس، اياز علي لکيو ته لاڳاپيل ادارا ان خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻين، يونس بلوچ لکيو ته يقينن ڀاءُ اڄڪالهه واقعا ٿي رهيا آهن، اهو فراڊ مون سان به ٿي رهيو هو، پر خوش قسمتي سان بچي ويوس. صدام نهڙي لکيو ته دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ته انھن نمبرن سان فيڪ اڪائونٽ سان ڪو واسطو ناھي پنھنجي زاتي معلومات يا پئسا شيئر يا اڪائونٽ شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو ان جا زميوار اوھان پاڻ ھوندا مھرباني، روي شنڪر لکيو ته يار واقعي ۾ توهان سان وڏي ٽرجڊي ٿيڻ واري هئي پر سٺو ٿيو جو اوهان جي اڪاؤنٽ ۾ ڳري رقم نه هئي بهرحال اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا دوستن کي گهرجي ته تڪڙ نه ڪن مڪمل انڪوائري ڪرائين ته جئين اڇي ڪاري جي خبر پوي، اهڙا فراڊي ٺڳن جا ٽولا اڄڪلهه گهڻا سرگرم آهن، ڪيلاش پربت لکيو ته احتياط ڪرڻ ضروري آھي، پنهنجو هڪ اصول ٺاهي ڇڏيو فون تي ڪنهن کي به پئسا نه ڏيو ۽ نه ڪنهن کان پئسا وٺو. اڄڪلهه اهڙي ٽيڪنالاجي اچي وئي آھي جو ماڻھو ڪنهن جو به نمبر هيڪ ڪري ۽ ان جو آواز به ساڳيو ٺاهي ڳالهائي سگهن ٿا دور اهڙو اچي ويو آھي پنهنجو پاڻ کي بچايو. مرزا وساڻ لکيو ته تمام سٺي ڳالھه آھي اوهانجي ۽ دوست ضرور پوري پوسٽ پڙهي ڪري پاڻ به انهي ٺڳي کان بچندا ۽ ٻين کي به بچائيندا،  ولي محمد خاصخيلي لکيو ته اڄڪلھه اھو ڌنڌو عام آھي، ڪجهه فارينر انگريز نقلي نالن ۽ نقلي تصوير سان عورتون توھانجي ميسينجر ۾ اينديون ۽ توھانجي پروفائل جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ چونديون ته مونسان حصيداري ڪر، ھي راز جي ڳالھه آھي، مان توتي ڀروسو ڪيان ٿي، مان فلاڻي ملڪ ۾ فلاڻي ھنڌ نوڪري ڪيان ٿي، مان ھروقت آن لائن ڪونه ھوندي آھيان، مونسان ايميل تي رابطو ڪر، پوءِ چونديون ته فلاڻو طاھر علي تنھنجي ملڪ جو ھو جيڪو ھتي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو، ھن جي اڪائونٽ ۾ چاليھه لک رپيا پيا آھن، ھن جو ڪوبه مٽ مائٽ ڪونھي، تون ھن جي ملڪ جو آھين، سو رقم توکي ملي ويندي، تون پنھنجو اڪائونٽ نمبر موڪل آئون اتان پئسا ٽرانسفر ڪرايان ٿي، اڌ تنھنجا ۽ اڌ مونکي ڏجان… جيئن ته مونکي انھي سڄي فراڊ جي خبر ھوندي آھي ڇو ته مونکي اڄ تائين پنج ڇھه اھڙي فراڊ واريون ٽڪرايون آھن، ڦرائي گھرائي سڀني جي اسٽوري تقريبن ھڪجھڙي ھوندي آھي، آئون شروع ۾ ته به ظاھر ڏاڍي دلچسپي وٺندو آھيان ۽ ھو سمجھنديون آھن ته گراھڪ ڄاڻ ڦاٿو، پر جڏھن ھو اڪائونٽ نمبر گھرنديون آھن ته آئون کين ساري ڪري يا بلاڪ ڪري ڇڏيندو آھيان سو اھي انٽرنيشنل فراڊ ٿي پيا آھن تن کان بچڻ گھرجي، اھم معلومات ڪنھن کي به نه ڏجي. جيون ڪمار لکيو ته مونکي کي آفرون آيون هيون، اهو فراڊ آهي، عمر خان شر لکيو ته ھڪ ھفتو پھريان فيس بڪ تي ھڪ فيڪ آئڊي واري دبئي آزاد ويزا تي موڪلڻ جا ڪوڙا خواب ڏيکاري منھنجي چاچا سان 12 لک جو فراڊ ڪري ويو ان ويچاري وٽ ٽوٽل زمين ٻه ايڪڙ ھئي جھن مان ان ھڪ ايڪڙ کپائي سڀ پيسا ان کي ڏنا پيسا وٺڻ کان پوءِ اھا آءِ ڊي ختم ٿي وئي ان جا نمبر به بند ٿي ويا. اسدالله سوڍو لکيو ته منهنجا 20 هزار هليا ويا، مولابخش درس، لالچند مهلاڻي، عنايت الله نهڙيو، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.