سوشل ميڊيا تي رت واري شربت جا چرچا

0
406

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) سوشل ميڊيا تي رت واري شربت جا چرچا هلندڙ آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر فريد آباد ۾ هڪ پورهيت ريڙهي تي انوکو شربت ٺاهي گهٽي گهٽي وڪڻي رهيو آهي سندس اهو انوکو شربت ڏسندي ڏسندي وڏو مشهور ٿي چڪو آهي. پورهيت ان شربت جو نالو رت وارو شربت رکي ڇڏيو آهي جيڪو انتهائي ذائقي دار هجڻ سبب عوام پاران واکاڻ ڪئي وڃي، اهو شربت انسان يا جانور جي رت مان نه پر سبزين مان ٺاهيو وڃي ٿو جڏهن ته رت واري شربت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد هن وقت تائين 2 ڪروڙ ماڻهو ڏسي چڪا آهن. وڊيو ۾ پورهيت کي مختلف ڳاڙهي رنگ جي سبزين مان شربت ٺاهيندي ڏسي سگهجي ٿو. پورهيت جو چوڻ آهي ته هو ان شربت کي پالڪ، ڪريلن، هيڊ، گجر، چقندر، نارنگين، ليمون ۽ ٻين شين مان ٺاهيندو آهيان.