فلمن جي شوٽنگ ڪرڻ واري انوکي موبائل تيار

0
285

بيجنگ(دلچسپ نيوز) چيني ڪمپني پهريون فليگ شپ فون 12 آگسٽ تي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ميجڪ 3 نالي اهو فون ڪيمرا سيٽ اپ جي ڪري ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندو. ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته ان اينڊرائيڊ فون سان پروفيشنل فلمون به شوٽ ڪري سگهجن ٿيون.آنر طرفان اعلان ڪيو ويو ته آنر ميجڪ 3 ۾ اهڙي ڪيمرا هوندي جيڪا فلمن کي رڪارڊ ڪري سگهندي ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪمپني آئي ميڪس ان هانسڊ سان شرڪت ڪئي آهي.هن وقت تائين آئي ميڪس ان هانسڊ رڳو ٽي وي، پراجيڪٽر ۽ اي وي آرز تائين محدود آهي، اهو فارميٽ 4-ڪي يعني چار هزار ايڇ ڊي آر مواد ڊي ٽي ايس آڊيو سان گڏ ايڇ ڊي آر 10پلس ڊسپلي تي پلي ڪرڻ جي سهولت موجودآهي.هاڻي آنر ميجڪ 3 پهريون موبائل هوندو جنهن ۾ اها انوکي وڊيو جو تجربو واهپيدارن کي فراهم ڪيو ويندو. جديد موبائل فون 12 آگسٽ تي متعارف ڪرايو ويندو پر ان جي قيمت به ان وقت ئي ڄاڻي سگهجي ٿي. چين ۾ هن وقت تائين اڳواٽ آڊرن ۾ 5 لک کان مٿي يونٽس وڪرو ٿي چڪا آهن.پهرين ليڪس موجب اها فون 2 ورزن ميجڪ 3 ۽ ميجڪ 3 پرو ۾ موجود هوندي.ٻنهي فونن ۾ 6.76 انج جي ڊسپلي ڏني ويندي جن تي پينچ هول ڊيزائن ۾ ڊوئل سيلفي ڪيمرا سيٽ اپ موجود هوندو.فون جي پٺيان مووي ريل ڊيزائن ۾ 5 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.آنر ميجڪ 3 سيريز جا فونون ان ڪمپني جون پهريون فونون آهن جنهن جي پٺيان 5 ڪيمرا موجود آهن.فون ۾ ممڪن طور تي اسنيپ ڊراگون 888 پلس پراسيسر موجود هوندو.