مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل گهوٽ مذاق بڻجي ويو

0
357

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل گهوٽ مذاق بڻجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گهوٽ کي رسمن تحت تيار ڪرڻ جو سلسلو سموري دنيا ۾ هلندڙ آهي پر ڀارت ۾ هڪ گهوٽ سوشل ميڊيا تي پنهنجو مذاق بڻائي مشهور ٿي ويو. ڀارت ۾ هڪ گهوٽ کي مٿي کان وٺي پيرن تائين موڙ ٻڌا ويا، گهوٽ جيئن ئي شادي هال پهتو ته ڄاڃين ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا، ڪجهه نوجوانن گهوٽ جون وڊيوز ٺاهي تصويرون ڪڍيون ۽ سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏيون، وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ تبصرا شروع ڪري گهوٽ جو مذاق اڏائي رهيا آهن.