سوال/سروي سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ ڪري زراعت تباهه ٿي وئي آهي، وفاق، ارسا ۽ واپڊا خلاف عدالت وڃڻ گهرجي: عوام

0
375

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار چيو آهي ته “وفاق، ارسا ۽ واپڊا سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ڏئي زراعت کي تباهه ڪيو آهي، عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، سنڌ سرڪار جي ان مطالبي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان نا انصافي ڪئي آهي، سنڌ سرڪار کي عدالت وڃڻ گهرجي، پاڻي جي کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي وئي آهي، ارسا ۽ واپڊا سدائين سنڌ سان ناجائزي ڪئي آھي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي وسيم نواز لکيو ته سنڌ سان ھر وقت ناانصافي ٿيندي رھي آھي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، پاڻي کوٽ اتفاقي نه پر سازش آھي، نماڻو نوناري لکيو ته سنڌ جو مطالبو جائز آهي، وقت سر پاڻي نه مليو ته وڏي تباهي ايندي، اياز عادل عمراڻي لکيو ته وفاق سرڪار جو اهو رويو صرف سنڌ صوبي لاءِ آهي وفاق سرڪار جي جي ظلم خلاف سنڌ سرڪار هڪ لفظ به نٿي ڳالهائي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ سرڪار جو اھو فيصلو تمام درست آهي پر وفاق ۾ جڏهن پي پي جي حڪومت ھيئي تڏهن اھڙو ڪو فيصلو نه ڪري سگھي آهي؟ خادم گهراڻو لکيو ته ارسا ۽ وفاق هر پل سنڌ کي گهٽ پاڻي ڏنو آهي پاڻي تي حق پوڇڙ وارن جو آهي سنڌ حڪومت جو عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو درست آهي، گل حسن شر لکيو ته سنڌ جو مطالبو جائز آهي، پاڻي فارمولي تي اصل روح مطابق عمل نه ٿيو آھي، جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ سرڪار پاڻ ڪيس عدالت ۾ ڇو نٿي کڻي وڃي؟ ارڏو اترادي لکيو ته جدوجهد درياھ لاءِ ڇو نه رڳو پاڻي جي حصي لاءِ ڇو؟ دنيا جي قانون مطابق درياھ حياتي مڃيا ويا آهن پر پوءِ به سنڌو درياھ مئل درياھه طور دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي جنهن درياھ جو پاڻي سمنڊ تائين ناهي پهچندو ۽ جنهن درياھ جي ڊيلٽا تباھ هوندي آهي اُن درياھ کي ئي مئل چئبو آهي، اسان سنڌي ماڻهن سدائين پاڻي جي حصي تي جدوجهد ڪئي آهي پر درياھ لاءِ ناهي ڪئي، شمس الدين لکيو ته آئون ٺري ميرواهه سان تعلق رکان ٿو 96ع کان هيل تائين بحر واهه ۾ پاڻي ناهي آيو، غلام محمد لکيو ته سنڌ ۾چوري جو گهڻو ڪم آ هي ورهاست صحيح نٿا ڪن، آسودو مل لوهاڻا لکيو ته بلڪل سنڌ حڪومت جو اهو فيصلو درست آھي ارسا ۽ واپڊا سدائين سنڌ سان ناجائزي ڪئي آھي، مظهر عباسي لکيو ته سنڌ سرڪار ڪجھه پاڻ تي به ڏوھ ڏئي وزيرن مشيرن ۽ سندن وڏڙن جي زمينن جو پاڻي ته نه پئي کٽيو پاڻي کوٽ ۾سنڌ سرڪار به ملوث آھي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار جو جائز مطالبو آهي پر سنڌ سرڪار جي جڏهن وفاق ۾ حڪومت هوندي آهي تڏهن اهڙي ڳالهه ناهي ڪندي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ارسا ۽ وفاق ھر پل سنـڌ کي گھٽ پاڻي ڏنو آھي پاڻي تي حق پوڇڙ وارن جو آھي، ذيشان لکيو ته سنڌ سان هر وقت نا انصافي ٿيندي آهي، فرمان چانڊيو لکيو ته پاڻيءَ جي مسئلي تي وفاق سنڌ سان ناجائزي ڪري رهيو آهي سنڌ ۾ پاڻي جي ايتري ته کوٽ ٿي وئي آهي جو هتي ماڻهو 12 مهيني جو فصل ساريون پوکڻ لاءِ پريشان آهن، گلشير سومرو لکيو ته فيصلو درست آهي سنڌ کي حصي جو پاڻي ملي تڏهن به پڇڙي جي آبادگارن کي ڪونه ملندو، اسد ماڇي لکيو ته سنڌ سرڪار وفاق تي پئي ھڻي ۽ وفاق سنڌ سرڪار تي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته سنڌ سان هر وقت اهيو ڪيو وڃي ٿو سنڌ کي ڪا به شي حصي موجب نٿي ملي اسان جي ڪوٽا جون نوڪريون به ٻين کي ڏنيون وڃن ٿيون، جنيد جمالي لکيو ته سنڌ سرڪار جو اهو مطالبو جائز آھي، بلڪل عدالتي جاچ ڪئي وڃي، سنڌ کي پوکي وقت پنهنجي حصي جو پاڻي ٽائيم تي ڪونه ٿو ملي تنهن ڪري سنڌ جي فصل جي اُپت گهٽ ٿي لهي، عبدالنبي شر لکيو ته سنڌ سرڪار قدم ته ڀلو ٿي کڻي پر ان تي عمل به ڪري، عرفان ميمڻ پڻ سروي ۾ حصو ورتو، علي مراد چانگ لکيو ته ارسا سنڌ کي سڪائي رهي آهي، سيد صنم نقوي لکيو ته سنڌ سرڪار جي ڳالهه درست آهي، عاشق حسين لکيو ته سنڌ حڪومت بھترين فيصلو ڪيو آھي، وفاق جي ادارن واپڊا ۽ ارسا سنڌ کي معاشي طور تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ھو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري، اعجاز رفيق منڌرو لکيو ته وفاق ۽ ارسا هر دور ۾ سنڌ سان پاڻي جي زيادتي ڪندو رهيو آھي سنڌ ۾ ھينئر پاڻي نه هجڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال آھي سنڌ حڪومت به وفاق ۽ ارسا جي بي ٽيم بڻيل آھي، سڪندر کوڙ لکيو ته سنڌ سان ناانصافيون نه برداشت ڪرڻ جهڙيون آهن، غلام رسول شر، پرويز علي به سروي ۾ حصو ورتو، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ سرڪار اهو بهتر فيصلو ڪيو آهي. ارسا ۽ واپڊا پاڻي جي حوالي سان ڪافي ناانصافيون ڪيون آهن. ان اهم مسئلي کي جلد حل ڪيو وڃي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پاڻي جي شديد کوٽ آهي، امتياز جمالي لکيو ته هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪئي پئي وڃي، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ جو بلڪل جائز مطالبو آھي ڇاڪاڻ ته ارسا ھميشه سنڌ سان ناجائزيون ڪندو رھندو آھي، موهن لال لکيو ته وفاق جو ظلم ناقابلِ برداشت آهي، پاڻي جي قلت سبب سنڌ جي زراعت ٻوٽو ناهي ٻاريو، مقبول چارڻ لکيو ته ارسا ۽ وفاق ۾ ايندڙ هر سرڪار سدائين سنڌ سان ناانصافيون ڪيون آهن، تڪراري ڪئنال بند ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، صوبن جي اعتراض باوجود تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ وڌيڪ ڊئمن جو بحث ڇيڙڻ جو مقصد ته هنن وٽ برابري ۽ جهموريت جي ڪا حيثيت ناهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته وفاقي سرڪار سدائين سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻندي آهي، شبير کوکر لکيو ته سنڌ حڪومت جا متاثرين به ته عدالت جو در پيا کڙڪائين، شمس الدين رند لکيو ته جائز مطالبو آهي.