افغانستان ۾ ڇڪتاڻ تيز، 24 ڪلاڪن دوران جھڙپن ۾ 206 طالبان مارجي ويا

0
420

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان ۾ فورسز جون طالبان سان جهڙپون جاري آھن، 24ڪلاڪن دوران جهڙپن ۾ 206 طالبان مارجي ويا، پرڏيھي ميڊيا جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ قنڌار ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي، ڀارتي قونصل خانو خالي ڪرايو ويو، ڀارتي قونصل خاني جي عملي کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آھي،ڀارتي پرڏيهي وزارت عملي کي واپس گهرائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، ڀارتي پرڏيھي وزارت موجب شديد ڇڪتاڻ سبب قنڌار قونصليٽ جي عملي کي گهرايو ويو.