سوال/سروي جعلي ڊوميسائل ٺهرائيندڙ ۽ ٺاهيندڙن کي جيل موڪليو وڃي، ڪاميٽي شفاف جاچ ڪري: عوام

0
162

                         ڊيلي پنهنجي اخبار جي  فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ گذريل 3 سالن دوران ٺهيل ڊوميسائلن جي نئين سر جاچ جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار ڪاميٽي قائم ڪئي آهي، جعلي ڊوميسائلن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪاميٽي کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ٺهڻ جو سلسلو ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ جعلي ڊوميسائل ٺهرائيندڙ ۽ ٺاهيندڙ لاءِ ڪهڙي سزا هجي؟ ڇا اوهان جي علائقي ۾ به جعلي ڊوميسائل ٺهڻ جا مامرا سامهون اچن پيا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ ۾ ايجنٽ، سياستدان ۽ ڪامورا ملوث آهن، جعلي ڊوميسائل رد ڪيا وڃن، اهڙي عمل ۾ ملوث ماڻهن کي 8-10سال جيل موڪليو وڃي، آفيسرن کي نوڪرين مان ڪڍيو وڃي، جعلي ڊوميسائلن جو پتو لڳائڻ لاءِٺاهيل ڪاميٽي کي ايمانداري سان جاچ ڪرڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جعلي ڊوميسائيل جي جاچ ايمانداري سان ڪئي وڃي، جعلي ڊوميسائل وارن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي، ڪنهن به ڊوميسائل ٺهرائڻ لاءِ ايجنٽ وٽ وڃڻ بدران پاڻ ڊوميسائل ٺهرائڻ گهرجي. گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾ ڪيترائي جعلي ڊوميسائل ٺهيا آهن، ملوث ڪامورن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، طارق حسين راڄپر لکيو ته هنن جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ جو مُک ڪردار يونين ڪائونسلن ، ٽائون ڪاميٽين جا چيئرمين ۽ سيڪريٽري آهن، نماڻو نوناري لکيو ته جعلي ڊوميسائل جي جاچ ڪري ذميوار آفيسر جي نوڪري ختم ڪئي وڃي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن جي اصل وجهه رشوت خوري آهي جيستائين جعلي ڊوميسائل ٺاھيندڙ آفيسرن کي سزا نه ملندي تيسيتائين اهو سلسلو جاري رهندو، امتياز جمالي لکيو ته جيڪي ڊوميسائل ٺهيا آهن انهن کي رد ڪن ڌارين جي ڊوميسائل ٺاهڻ تي پابندي هجي، آصف راڄپر لکيو ته جيڪا جاچ ٿي آهي انهي ۾ جيڪي ذميوار ٿيا آهن اُنھن کي ڇا ٿيو؟ ھاڻي به ڪجھه نه ٿيندو، عامر حسين لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۾ حڪومت جا پنهنجا سرڪاري ملازم ملوث آھن ، عرفان سيلرو لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ ۾ وڏي ۾ وڏو ڪردار سياستدانن جو آهي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙ يا ٺهرائيندڙ کي سخت سزا ڏني وڃي، مبين اڄڻ لکيو ته جعلي ڊوميسائل وارن کي سخت سزائون اچڻ گهرجن. نديم منگي لکيو ته ڪاميٽي کي گھرجي ھو شفاف نموني جاچ ڪري جعلي ڊوميسائل وارن کي ظاھر ڪري ۽ سخت سزا جي سفارش ڪري، لياقت نهڙي لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙن کي نوڪري مان فارغ ڪيو وڃي، آفتاب چانڊيو لکيو ته ھن معاملي کي پرائمري کان وٺي ڏسڻ گھرجي اسان جي علائقن ۾ خاص طور بورڊ جا امتحان پنجاب،ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن جا نوجوان امتحان ڏيندا آهن جعلي ڊوميسائيل معاملي کي روڪڻ لا3 ڪمپيوٽرائز ۽ ڊجيٽلائيز سميت بايو ميٽرڪ نظام شامل ڪيو وڃي، قربان عالياڻي لکيو ته سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن جي گذريل 3 سالن بدران گهٽ ۾ گھٽ 30 سالن دوران ٺھيلن جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، طارق نوناري لکيو ته قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، حيدر سنڌي لکيو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ واري جي سزا ان مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙ سنڌ جي ايندڙ نسل جي مستقبل جا قاتل آهن، موهن لال لکيو ته 30 سالن جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ قابل ۽ ايماندار عملي کي مقرر ڪيو وڃي، ظفر رند لکيو ته سانگهڙ ضلعي م به چار ڊوميسائيل رد ڪيا ويا هئا.عاقب حسن لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهڻ وارن لاءِ 5 سال قيد جي سزا رکي وڃي. عرفان ابڙو لکيو ته شڪارپور ۾ ڪيترائي ڪوڙا ڊوميسائل آهن، نياز سومرو لکيو ته سنڌ حڪومت جو تمام بھترين قدم آھي،آسودومل لوهاڻو لکيو ته رڳو ٽن سالن جا ڇو 71 کان پوءِ ٺهيل سڀني ڊوميسائل ۽ پي آر سيز جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي، محمد اسحاق بروهي لکيو ته محمد اسحاق بروهي لکيو ته آفيسر ڌارين کي پيسن عيوض ڊوميسائيل منٽن ۾ ٺاھي ڏيندا آھن، انهن کي 8-10سال جيل موڪليو وڃي، جاويد زرداري لکيو ته 2008ع کان جعلي ڊوميسائلن جي جاچ ڪئي وڃي، طارق باجڪاڻي لکيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين هر ضلعي ۾ جعلي ڊوميسائل جاري ٿيا آهن، خاموش خليل شر لکيو ته ڪاميٽي شفاف جاچ ڪري، راجا خان عباسي لکيو ته بھترين فيصلو آھي سنڌ حڪومت جو، شيراز چانگ لکيو ته اسان وٽ اسٽامپ وينڊر ڳري رشوت عيوض فورن ئي جعلي ڊوميسائيل ٺھرائي ڏيندا آهن، شبير حسين ڀوت لکيو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهيندڙ آفيسرن خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، شبر سهتو به فيصلي جي آجيان ڪئي، ارڏو اترادو لکيو ته رڳو ڪاميٽي ايمانداري سان جاچ ڪري سب خبر پئجي ويندي، اظهر علي لکيو ته جعلي ڊوميسائيل سڄي سنڌ ۾ آھن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته جيستائين ڪرپشن ختم نه ٿيندي تيستائين اهو ڪم رڪجي نه سگهجندو، زاهد خان لکيو ته جعلي ڊوميسائل رد ٿيا ته هزارين بيروزگارن کي روزگار ملندو، حبدر علي وارث لکيو ته ڪائونسلن، ٽائون ڪاميٽين جي سيڪريٽرين خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، اسدالله هنڱورجو لکيو ته ڪاميٽي ايمانداري سان جاچ ڪري،مومن محبتي لکيو ته جتي حڪومت ۽ ليڊر جعلي هجن اتي ايئن ٿيندو آهي، عيسيٰ لنڊ لکيو ته پهرين به جاچ ڪميٽي ٺاهي وئي ان جو حل نه نڪتو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، ايس ڪي ڀٽو لکيو ته ڪاميٽيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون ٿيندو ڪجهه به نه، مظهر عباسي لکيو ته هر روز ڪاميٽي ٺهندي بهتر آهي جعلي ڊوميسائل رد ڪيا وڃن، حاجي خان پنهور لکيو ته جعلي ڊوميسائل رشوت تي جلد ملي ويندو آهي پوءِ رڳو جاچ هلندي آهي، سليم اختر به سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، مسرور شر، اسحاق کوسو، غلام رسول راهمون جعلي ڊوميسائل رد ڪري ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، عبدالنبي شر لکيو ته ڪڏهن به ايڪشن نه ٿيندو، عمر پنهور، محمد مراد چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو.