اشو آف دي ڊي شراب مان ماکي، چرس مان چاڪليٽ ٺھي ويا ڏسون هاڻ سفينه مان ڇا ٿو ٺهي ڪي اين شاهه ويجهو ڪار ڪلٽي ٿيڻ بعد منشيات هٿ اچڻ واري وڊيو وائرل: بحث

0
161

                         خيرپور ناٿن شاهه باءِ پاس تي ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا ويا ۽ تنقيد سان گڏ طنز وارا تبصرا به ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ آفتاب احمد پوسٽ شيئر ڪندي ڄاڻايو ته خيرپور ناٿن شاهه باءِ پاس تي گٽڪي سان ڀريل ڪورولا ڪار ڪلٽي ٿي پئي، ڪار ۾ ويٺل ايس ايچ او زخمي ٿي پيو، ڪار مان وڏي مقدار ۾ گٽڪي واريون سوپاريون هٿ آيون. جنهن تي سلمان سومرو لکيو ته چڪاس کانپوءِ اهي تلسي سوپاريون ٿي وينديون، وقار چنا لکيو ته ايس ايچ او ڪٿان جو آهي؟ علي گل طنز ڪندي لکيو ته ڄامشورو واري چاڪليٽ کانپوءِ وري ڪي اين شاهه پوليس جي ڪار مان اٽو کنڊ ۽ شيمپو جون پتيون هٿ، ڊاڪٽر مولابخش چانڊيو لکيو ته ايس ايس پي دادو کي نوٽيس وٺڻ گهرجي جيڪڏهن ايس ايچ او ملوث آهي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، فهيم شيخ لکيو ته اهو انهن جو اصل ڪم آهي، منظور چانڊيو لکيو ته پوليس وارن جي به تلاشي ٿيڻ گهرجي. لال بخش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس جا ڪم ڏسو، طارق حسين راڄپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور ناٿن شاھه ۾ گٽڪي ۽ سفينه سان ڀريل ڪرولا ڪار ڪلٽي ٿي وئي. ڪلٽي ٿيل ڪار ۾ ويٺل ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو، جنهن تي شفيع محمد، فقير احمد شر، لياقت بلوچ، طنز ڪندي لکيو ته اهي کٽمٺڙا ۽ سوپاريون ٿي وينديون، سجاد رضا عباسي لکيو ته پوليس جا اها پراڻي عادت آهي، ياسين خان لکيو ته پوليس ايس ايچ او سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪار به تحويل ۾ ورتي آهي، سلام الله ٿهيم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شراب مان ماکي چرس مان چاڪليٽ ٺھي ويا ڏسون هاڻ سفينا مان ڇا ٿو ٺهي، پوليس منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل، خيرپور ناٿن شاھه باءِ پاس تي ڪرولا ڪار ڪلٽي، ڪار ۾ ويٺل ايس ايڇ او زخمي ٿي پيو، ڪار مان وڏي تعداد ۾ نشي واريون سوپاريون هٿ آيون، علي محمد کوسو ڪار جي حادثي واري وڊيو شيئر ڪئي، جنهن تي بابن اوڳاهي لکيو ته هتي قانون صرف غريبن لاءِ آهي، طارق سهتو  وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته شراب مان ماکي چرس مان چاڪليٽ ٺھي ويا ڏسون هاڻ سفينه مان ڇا ٿو ٺهي. ڪار ڪلٽي ٿيڻ ڪري ايس ايچ او زخمي ٿي پيو، ڪار مان وڏي تعداد ۾ گٽڪو ۽ نشي واريون سوپاريون هٿ آيون، ضمير انصاري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته جنهن ملڪ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آفيسر ۽ چونڊيل نمائيندا ڪرپشن ۽ منشيات وڪرو ڪن ته سچ پڇو هن ملڪ مان دل ڀرجي وئي آھي هتي انصاف جا دروازا صرف اميرن جي چائٺ چمندي پيا ڏسون ته غريب کي ڪٿان انصاف ملندو.