سوئي گئس (ن پ ا) سوئي گئس ويجهو ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد تقي شاھ ڪالونيءَ ۾ مهمان ٿي آيل ميهڙ واسي 20 سالن جي رياض علي پٽ مولاڏنو چانڊيو گولي لڳل لاش ماسيءَ جي گهر مان هٿ، خودڪشيءَ جا چوٻول. وارثن گهر ڌڻي ٻانهون چانڊيو تي قتل جو الزام هڻي ڇڏيو. نوجوان رياض چانڊيو ميهڙ کان پنهنجي ماسيءَ جي گهر مهمان ٿي لاءِ آيل هو. نوجوان جو لاش ٺري ميرواھ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. قتل جي الزام هيٺ آيل ٻانهون چانڊيو جي پٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو ماسات اسان وٽ گذريل رات دير سان آيو هو. کيس پستول به ساڻ هو. هن صبح جو اٿڻ سان خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس وارثن کي اطلاع به اسان پاڻ  ڏنو هو. اسان مٿان قتل ڪرڻ جو الزام غلط آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.