ڪيف(م ڊ) روس يوڪرين تي آپگهاتي ڊرون حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته روسي فورج يوڪرين تي پنهنجو ڪنٽرول پڪو ڪري رهي آهي جڏهن ته يوڪريني فوج پنهنجا علائقا واپس وٺڻ لاءِ ويڙهه ڪري رهي آهي. يوڪريني صدارتي آفيس جو چوڻ آهي ته ڪالهه ڪيف ۾ آپگهاتي ڊرونز ڪاميڪاز جا حملا ڪيا ويا. رپورٽ موجب حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ جا به اطلاع آهن. يوڪريني فوج 37 ڊرون تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.