ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، بدمست ڀوتار پنهنجي علائقي ۾ جاگير قائم ڪري ڇڏي، بنا اجازت رستي سان گذرندڙ ڪار مٿان فائرنگ، ڳوٺاڻن ڀڄي جان بچائي، ڀوتار ڪار مڪينڪ کي پڪڙي ٽنگ ۾ گولي هڻي ڇڏي، ڪار مڪينڪ سخت زخمي، هڪ ڳوٺاڻو مبينا اغوا، ايس ايس پي گهوٽڪي معاملي جو نوٽيس ورتو، ڀوتار خلاف ڦر ۽ اراده قتل جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل. خبر موجب ڏهرڪي کينجهو واسي ريگستاني علائقي جي ڳوٺ خدا بخش متوجو مهر ۾ گذريل رات ڳوٺاڻا فضل مهر ۽ گوهر مهر ڪار خراب ٿيڻ سبب مڪينڪ عبدالحق لغاري کي کڻي وڃي رهيا هئا ته مقامي بااثر ڀوتار حاجي خان مهر سندن پيڇو ڪري ڪار کي جيپ ذريعي ٽڪر هڻي روڪي فائرنگ ڪئي. ان دوران ڳوٺاڻن ڀڄي جان بچائي. وڏيري ڪار مڪينڪ مستري کي ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري وڌو. ان سلسلي ۾ مستري عبدالحق ٻڌايو ته وڏيري مون کي پڪڙي گولي هنئي. هوڏانهن متاثر ڌر احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته وڏيرو حاجي خان مهر اسان جي نوجوان گوهر رحمان مهر کي به اغوا ڪري ويو آھي. ٽائيم نيوز ته اهڙي خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي گهوٽڪي معاملي جو نوٽيس ورتو. زخمي مستريءَ جي والد عبيدالله لغاري جي فرياد تي کينجهو ٿاڻي تي اراده قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه علي بخش لنڊ جي فرياد تي ڦر جو ڪيس به درج ڪيو ويو. اغوا ڄاڻايل گوهر رحمان جي ڀاءُ فضل مهر ٻڌايو ته اسان به اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي پهتاسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي حاجي خان مهر ٻڌايو ته منهنجي نوڪرن ڪار کي روڪڻ  جو اشارو ڪيو، اسان جو ناڪو لڳل آھي. ڪار واري نه بيهاريو ته نوڪرن پيڇو ڪري ڪار کي ٽڪر هڻي روڪيو آھي. مون نه ڪنهن کي اغوا ڪيو آھي، نه ڪنهن کي زخمي ڪيو آھي. هوڏانهن کينجهو پوليس وڏيري جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيو.