سن/ڪنڊيارو(نمائندن وٽان) لاکا شھر ۾ ڌار ڌار ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه سان اظھار يڪجهتي طور مڪمل ڪاروبار بند ڪري ايس يو پي اڳواڻ دريا خان لغاري، لطيف پنھور، عنايت الله شاھاڻي، انور مڱڻھار ، شبير گراڻو جي اڳواڻي ۾ ۽ ٻئي طرف علي نواز ڪنڀر، سيد اعظم شاهه، اصغر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون طرفان سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين جي آبادگاري ڪرائي پئي وڃي جنهن خلاف پرامن احتجاج ڪيو آھي. ھنن جو چوڻ ھو ته قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا جنهن ۾ سيد زين شاهه پنهنجي گرفتاري ڏئي حڪمرانن کي چئلينج ڪيو آھي ته ڪيس ڪوڙا آھن ته ضمانت ڇا جي ڪرايان، جنهن سان سمورا ڪارڪن گڏ آھن، پارٽي جي حڪم تي جيل ڀريو تحريڪ به هلائي ويندي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي قومپرستن اڳواڻن سميت ٻين قومي ڪارڪن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري انهن کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.