جهڏي ۾ 11 ورهين جو نينگر چوري جي الزام ۾ گرفتار

0
454

جهڏو: هاشم ڪالوني جي رهواسي 11 سالا نينگر علي شير پٽ علي احمد شيخ کي جهڏو پوليس شهر جي واپاري جي گدام مان پڪڙي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته واپاري علي ناگوري جي ڳڙ منڊي وٽ موجود گودام ۾ ڪافي وقت کان سامان چوري ٿي رهيو هو اڄ جڏهن ملازم گدام جو دروازو کوليو ته ڄاڻايل نينگر گودام اندر ستل هو جنهن بعد واپاري نينگر کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واپاري جو چوڻ آهي ته منهنجي گودام مان ڪافي وقت کان چوري ٿي رهي هئي پڪڙيل نينگر ئي چوري ۾ ملوث آهي جنھن هڪ دڪاندار کي منهنجي گدام مان چوري ڪيل سيوين جا ڪارٽن وڪرو ڪيا هئا، رات گودام جي روشن دان مان هي گودام جي اندر داخل ٿيو ۽ اتي ئي سمهي رهيو جنهن کي اسان پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي. ٻئي پاسي جهڏو پوليس موجب ته واپاري جي شڪايت تي اسان نينگر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جهڏو ٿاڻي تي منتقل ڪيو آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.