ڪراچي (ڪامرس نيوز) سنڌ ۾ ڪمند جي فصل تي نئين بيماري پکڙجي وئي آهي. سنڌ آبادگار بورڊ زراعت کاتي ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي ان حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايگريڪلچر ايڪسيٽينشن سنڌ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊويزنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن کي خط لکيو ويو آهي ته سڀني ڊويزنز جو لاڳاپيل عملو آبادگارن ۽ شگر ملز سان رابطو رکي. سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه موجب نئين بيماري ۾ ڪمند سُڪي ويندو آهي. بيماري سڪرنڊ، ٽنڊي الهيار جي هڪ فارم جي ڪجهه ايراضي تي ظاهر ٿي آهي.