ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي، ٽنڊو باگو ويجهو ڪتي جي چڪڻ سبب نينگري جي اک ضايع ٿيڻ جو خدشو. خبر موجب ٽنڊو باگو جي ڳوٺ ڇٽو ملاح ۾ ڇتي ڪتي 8 سالن جي معصوم نينگري حاڪم زادي ملاح کي کاٻي اک تي چڪ ھڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي ٽنڊوباگو کان انڊس اسپتال بدين آندو ويو. ڊاڪٽرن موجب ڇتي ڪتي جي حملي ۽ چڪ سبب نياڻي جي اک ضايع ٿيڻ جو انديشو آھي. قمبر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، ڪالهه ٻن معصوم ٻارڙن سميت 5 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ مسمات اقبال خاتون، روشن علي، ذاڪر حسين، طارق علي ۽ ياسين شامل آهن، جن کي قمبر جي سول اسپتال مان وئڪسين ڪرائي وئي. پريالوءِ جي بي ايڇ يو محلي ۾ گهر ٻاهران کيڏندڙ نينگر حارث شيخ تي ٻن ڪتن حملو ڪري کيس ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، نينگر کي بي ايڇ يو پريالوءِ ۾ ويڪسين نه ملڻ ڪري رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري نيو ويو.