سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان مالي بحرانن کي منهن ڏيندڙ تعليمي بورڊز لاءِ خوشخبري

0
293
سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان

ڪراچي: سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان مالي بحرانن کي منهن ڏيندڙ تعليمي بورڊز لاءِ خوشخبري  ٻڌائي وئي آھي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي وزير طرفان بورڊز کي 50 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ ڏيڻ لاءِ سمري ناڻي کاتي ڏانهن اُماڻڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

 صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته گذريل سال به هڪ ارب 6 ڪروڙ رُپين جا فنڊز جاري ڪيا هئا، رهيل ڏيڍ ارب رُپين جا فنڊز به جلد بورڊز کي جاري ڪيا ويندا، سمورن بورڊز ملازمن جي پگهار جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو

اسماعيل راھو جو چوڻ آھي تھ بورڊز انتظاميا کي پنهنجي ڪليمز جا تصديق ٿيل تفصيل پيش ڪرڻ جي هديت، يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحاني نتيجا جلد جاري ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي.

ھي به پڙھندا

عمران سرڪار نيب ۽ ايف آءِ اي جيان ارسا کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي:اسماعيل راھو