ڪپڙا ڪنهن جا مهانگا؟ عظميٰ بخاري ۽ فياض چوهان آمهون سامهون

0
316

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي احاطي ۾ سياسي مخالف هڪ ڀيرو وري هڪٻئي سان اٽڪي پيا، ڪالهه اجلاس ختم ٿيڻ بعد صوبائي وزير فياض الحسن چوهان ۽ نواز ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري هڪڀيرو وري هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا

هن ڀيري سندن بحث هڪٻئي جي ڪپڙن تي هو. عظميٰ بخاري چيو ته فياض چوهان کي مهانگا ڪپڙا پهريل آهن، ان تي فياض چوهان چيو ته نه عظميٰ بخاري جا ڪپڙا مهانگا آهن، منهنجو وڳو 400 رپين جو آهي، عظمي بخاري جو گهڻي جو آهي. ان جي جواب ۾ عظميٰ بخاري چيو ته منهنجو وڳو 1600 رپين جو آهي

ھي به پڙھندا

عظميٰ بخاري جلسي ۾ نوجوان کي ٿڦ ڇو وهائي ڪڍي؟