واشنگٽن (م ڊ) سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ کي روڪڻ ۽ ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي دانشور لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب منور لغاري 350 ميلن جو پنڌ سفر شروع ڪيو آهي، ھو نيويارڪ سٽي کان واشنگٽن ڊي سي تائين ويندو. ھن جا مطالبا صرف ٻه آھن، انساني حقن جو تحفظ ۽ ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين کي سندس ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.