جوهي (رپورٽ:ايم بي ٻٻر) تيل ۽ گئس ڪمپني جي رائلٽي فنڊ مان مقامي ڳوٺن بدران چونڊيل نمائيندن جي من پسند ماڻهن کي اسڪميون ڏيڻ خلاف جوهي جي ڳوٺاڻن هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ ھاء ڪورٽ حيدرآباد جي جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل بئنچ پاران ايڊووڪيٽ گلزار احمد عالماڻي جي داخل آئيني پٽيشن جي سلسلي ۾ دادو ضلعي جي چئن ايم پي ايز، وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم، چيئرمين اوجي ڊي سي ايل،فيلڊ مئنيجر او پي پي ايل، چيف ايگزيڪيوٽو او پي پي ايل، جي ايم اوپي پي ايل، ڏي سي دادو، ايس ايس پي دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر جوھي، مختيارڪار جوھي، ايس ايڇ او جوھي کي 18 مئي تي ٻُڌڻي لاء طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ تيل ڪمپني اورينٽ پيٽروليم پاڪستان لميٽيڊ (او پي پي ايل ) پاران مقامي ڳوٺاڻن کي بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ، رائلٽي فنڊ مان مقامي ڳوٺن بدران مبينا طور چونڊيل نمائيندن جي من پسند ماڻهن کي اسڪيمون ڏيڻ، مقامي نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ، بونس فنڊ کي علائقي تي خرچ نه ڪرڻ، ضلعي انتظاميا جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايل رائلٽي فنڊ جا پئسا مبينا هڙپ ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن انجنيئر آفتاب پنهور، شاهنواز گاڏهي ، اڪبر پنهور ۽ ٻين سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي. پٽيشن ۾ دادو ضلعي جي چئن ايم پي ايز سيد صالح شاهه، پير مجيب الحق، عبدالعزيز جوڻيجو، فياض ٻُٽ پيٽروليم جي وفاقي سيڪريٽري، چيئرمين او جي ڊي سي ايل، او پي پي ايل جي فيلڊ مئنيجر، چيف ايگزيڪيوٽو، جنرل مئنيجر کان علاوه ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو، اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هوڏانهن مقامي ڳوٺاڻن چيو آهي ته 20 ورهين کان رائلٽي فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن، ماحولياتي گدلاڻ سبب مقامي ڳوٺاڻا، ڪئنسر، چمڙي ۽ پيٽ سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، سندن حق هڙپ ڪندڙ ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن اميد آهي ته عدالت علائقي واسين سان انصاف ڪندي.