سنڌ ڪابينا پاران کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڏهائي پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
227
کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڏهائي پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر
سنڌ ڪابينا پاران کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ ڏهائي پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا اي ڊي پي اسڪيم ۾ هر ترقياتي رٿا کي يو آئي ڊي  بار ڪوڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

هن چيو ته پينشن رولز ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، سالياني بجيٽ تي پينشن جو بار وڌي رهيو آهي ان ڪري پينشن جي سسٽم کي رويو ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته سنڌ فزيو ٿراپي ڪائونسل جي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي گاڏين جي خريداري لاءِ رکيل پيسا رليز ڪرائڻ ۽ ڪابينا 152 گاڏيون ۽ 50 موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جن جي ماليت 36 ڪروڙ بڻجي ٿي

هن چيو ته فوتي ڪوٽا ڀرتي جي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ، سنڌ زڪوات ڪائونسل جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ پوائنٽ پنج سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي