موبائيل ريچارج تي ٽيڪس ۾ واڌ، 100 رپين تي ڪيترو بيلنس ملندو؟

0
269
موبائيل ريچارج تي

ڪراچي: حڪومت موبائل ريچارج تي ٽيڪس وڌائي ڇڏيو آهي، هاڻي صارفين کان هر ري چارج تي 15 سيڪڙو اضافي هولڊ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، 20 ارب رپين جو اضافي ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيلي ڪام ڪمپنين بيلنس ريچارج تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هاڻي 100 رپين جي ريچارج تي توهان کي 86.9 رپيا بيلنس ملندو

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب وفاقي حڪومت ان مد ۾ 43 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪندي، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف ماڻهن آپريٽرز طرفان موڪليل پيغامن کي به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صارفين کي ٽيڪس ۾ واڌ بابت آگاهي ڏني وئي آهي