شاهه رخ جتوئي جي اسپتال ۾ رهڻ وارو مامرو: بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

0
255
شاهه رخ جتوئي جي اسپتال ۾ رهڻ وارو مامرو
شاهه رخ جتوئي جي اسپتال ۾ رهڻ وارو مامرو: بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قتل جي ڏوھھ ۾ گرفتار ٿيل شاهه رخ جتوئي کي جيل بدران اسپتال ۾ رکڻ ۾ حڪومت جو ڪو ڪردار ناهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه رخ جتوئي بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جاچ رپورٽ اچڻ کان اڳ ئي سنڌ حڪومت کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

بلاول چيو ته ان تي انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي آهي، توهان کي خبر آهي ته سڄي ملڪ جو نظام ڪهڙو آهي

پ پ چيئرمين چيو ته اسلام آباد جيل هجي، لاهور جيل هجي يا سنڌ جي جيل، ٻه قانون ھلندا آهن، هو ان جي خلاف آهي، هو ڪنهن به قاتل جي مدد نٿا ڪرڻ چاهين

هن وڌيڪ چيو ته شاهه رخ جتوئي سميت ڪنهن به قيدي کي علاج ڪرائڻ جو حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت واري وزير شاهه رخ جتوئي ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ھي بھ پڙھندا

شاهزيب قتل ڪيس: جوابدار شاهه رخ جتوئي اسپتال ۾ هجڻ جي انڪشاف بعد واپس جيل منتقل

شاه رخ جتوئي کي ڪهڙي مرض جي بهاني اسپتال ۾ رکيو ويو، سبب سامهون اچي ويو