ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس اربع 20 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ 13 ايجنڊائون شامل ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ پاڪستان نيوي کي ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي لاءِ 200 ايڪڙ زمين ڏيڻ واري معاملي تي غور ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو. اهڙي طرح سنڌ ڊرگ رولز 1979 ۾ ترميم واري معاملي تي غور ٿيندو .