سنڌ يونائيٽيد پارٽي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل

0
233
سنڌ يونائيٽيد پارٽي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ۾ شامل

 سنڌ جي قوم پرست پارٽي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي آخرڪار، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) سان چونڊ اتحاد ڪري ڇڏيو.اھڙو اعلان ايس يو پي جي سربراھه سيد جلال محمود شاھه، پارٽي جي صدر سندس ننڍي ڀاءَ سيد زين شاھه فنڪشنل ھائوس ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي پير سيد صدرالدين شاھه راشدي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي سان گڏجي ڪيو،ان موقعي تي مفاھمتي معاھدي تي پڻ دستخط ڪيا ويا. معاھدي مطابق سنڌ جي مسئلن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ سان گڏ 2023ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيوويو. جي ڊي اي جيڪومختلف پارٽين جو اليڪشني اتحاد ھو، اھو اتحاد 2018ع جي چونڊن کانپوءِھاڻي ھڪ سياسي اتحاد آھي جنھن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل)، نيشنل پيپلز پارٽي (مرتضيٰ جتوئي) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس (ڊاڪٽر صفدر عباسي)، پيپلز مسلم ليگ (ڊاڪٽرارباب رحيم) اميربخش ڀٽو کانسواءِ ڊاڪٽر فھميدا مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقارمرزا ۽ سندن پٽ حسنين مرزا ان اتحاد جو حصو آھن، ھاڻي ان ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اضافو ٿيو آھي. جي ڊي اي سنڌ جي روايتي سياسي خاندانن جو سياسي اتحاد آھي. ان اتحاد ۾ شامل شخصيتون ھر اليڪشن ۾ مختلف پارٽين ۽ اتحادن جو حصو رھندا پئي آيا آھن. جي ايم سيد ۽ ان جوخاندان 1937ع کان وٺي ۽ 85 سالن کان اليڪشني سياست جو سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو رھيو آھي خاص طور تي جي ايم سيد 1970ع تائين پاڻ خود  چونڊن ۾ حصو وٺندو رھيو.جي ايم سيد پاڻ  1985ع جي غيرجماعتي اليڪشن ۽ 1988ع ۾ مختلف اميدوارن پير پاڳاري، ممتاز علي ڀٽي، عبدالحميد جتوئي، سيد ڪوڙل شاھه ۽ ٻين ڪيترن ئي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالف اميدوارن جي اليڪشني جلسن ۾ شريڪ ٿي خطاب پڻ ڪيا. تنھن ڪري سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد  جي ڊي اي جو باقائده حصو بڻجڻ ڪو غير معمولي واقعو نه آھي. سنڌ ۾ گذريل ٻن عام چونڊن ۾ پ پ مخالف پارٽين، خاندانن جو ووٽ ۽ سياسي اثرتيزي سان گهٽ ٿيو آھي.جي ايم سيد جي خاندان جا فرد سيد امير حيدر شاھه 1990ع ۾ ڄام صادق علي جي نگران وڏي وزير جي دور ۾ ڪرايل چونڊن ۾سيوھڻ مان پ پ اميدوار سيد عبدالله شاھه کي ھارائي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. سيد جلال محمود شاھه 1997ع جي چونڊن ۾ ملڪ اسد سڪندر جي حمايت سان سيد عبدالله شاھ کي ھارائي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪرچونڊيو ويو.اھڙي طرح سيد امداد محمد شاھه 1985ع جي غير جماعتي  اليڪشن ۾ سڪرنڊ واري صوبائي اسيمبلي واري سيٽ تان ڪامياب ٿيو ،ٻيون دفعو 1988ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ان وقت جي سيد گروپ جي دٻاءَ ۾ اچي سيد امداد محمد شاھه جي سامھون اميدوار نه بيھاريو ۽ سيد امداد محمد شاھه سڪرنڊ مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو.سنڌ يونائٽيڊ پارٽي 2013ع جي چونڊن ۾پڻ پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ “ ڏھه جماعتي اتحاد” جو حصو رھي ان دوران، سندن ميان محمد نواز شريف سان پڻ سنڌ ۾ لکت ۾چونڊ معاھدو ٿيو ھو. 2018ع جي چونڊن ۾ پڻ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جوتحريڪ انصاف سان پڻ معاھدو ٿيو جيڪو موجوده صدر عارف علوي جي ڪراچي ۾حيدر منزل تي ڳالھين کانپوءِ سيد زين شاھه سڪرنڊ واري قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻنھي سيٽن تان بيٺو ۽ ان جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار گل محمد رند کي اليڪشن لڙڻ کان ھٿ کڻايو ويو.

2018ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي صوبائي اسيمبليءَ جي 28 حلقن تي پنهنجا اميدوار بيهاريا، پارٽيءَ کي پوري سنڌ مان صرف 62 هزار پنجاهه ووٽ ملي سگهيا. 28 اميدوارن مان 26 اميدوارن مان ڪو هڪ به اميدوار هڪ هزار ووٽ به نه کڻي سگهيو. پارٽيءَ جي چيئرمين سيد جلال محمود شاھه پي ايس 80 سيوهڻ واري صوبائي تڪ تان 21 هزار 9 سو 13 ووٽ کنيا، سندس ننڍي ڀاءُ سيد زين شاھه کي پي ايس 39 سڪرنڊ واري تڪ تان 33 هزار 5 سو 57 ووٽ ملي سگهيا، يعني ٻنهي ڀائرن جي کنيل ووٽن کانسواءِ پارٽيءَ جي ٻين سڀني اميدوارن کي صرف 6 هزار 5 سو 80 ووٽ مليا، جنهن مان پي ايس 12 لاڙڪاڻي مان بيٺل اميدوار جگديش ڪمار آهوجا کي صرف 8 سو 13، پي ايس 28 ٺري ميرواهه مان آرڪيالاجي جي رٽائرڊ پروفيسر غلام مصطفيٰ شر کي 45 ووٽ، پي ايس 100 چنيسر ڳوٺ ڪراچيءَ مان محبوب علي عباسيءَ کي صرف 5 سو 89 ووٽ ملي سگهيا.

اهڙي طرح سنڌ يونائٽيڊ پارٽي قومي اسيمبليءَ جي ٽن سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريا، پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ تي هڪ لک 40 هزار 3 سو ووٽ مليا، جن مان سيد جلال محمود شاھه کي سيوهڻ واري قومي اسيمبليءَ جي حلقي اين اي 233 سيوهڻ تان 81 هزار 2 سو 89 ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد زين شاھه کي قومي اسيمبليءَ جي سڪرنڊ واري حلقي اين اي 214 تان 54 هزار 6 سو 76 ووٽ مليا.

 ياد رهي ته 2013ع جي اليڪشن ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي “ ڏهه جماعتي اتحاد”جو حصو هئي، ته پارٽيءَ کي قومي اسيمبليءَ تي بيهاريل اٺن اميدوارن کي 82 هزار4 سو 40 ۽ صوبائي اسيمبليءَ تي 14 اميدوارن کي 66 هزار 9 سو 22 ووٽ مليا هئا.جڏھن ته صوبائي اسيمبلي تي سيد جلال محمود شاھه کي سيوھڻ واري صوبائي اسيمبلي تي 21 ھزار 9 سو 13 ووٽ مليا ۽ سندس ڀاءُ سيد زين شاھه کي سڪرنڊ واري صوبائي اسيمبلي واري تڪ تان 31 ھزار 9 سو 23 ووٽ مليا ھئا. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي گذريل ٻن اليڪشن جي ووٽن مان ظاھرآھي ته پارٽي جو ووٽ نه پر جي ايم سيد جي خاندان جو روايتي ووٽ آھي.

2018ع جي چونڊن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس “جي ڊي اي” کي سنڌ مان قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي ڪاميابي ملي جن ۾ بدين مان فھميدا مرزا، شڪارپور مان غوث بخش مھر ڪامياب ٿيا جڏھن ته صوبائي اسيمبلي تي جي ڊي اي جا 9 صوبائي اسيمبلي جاميمبر جنرل چونڊ واري ڏينھن تي ڪامياب ٿيا. جي ڊي اي جا اھم اڳواڻ سيد صدرالدين شاھه، غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ارباب رحيم، ڊاڪٽرذوالفقار مرزا  پنهنجي حلقن مان ھارائي ويا.

جي ڊي اي 2018ع جي اليڪشن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي مرڪز ۾ عمران خان جي حڪومت جا حمايتي رھيو پر جيئن ئي عمران حڪومت ختم ٿي ته جي ڊي اي عمران مان ھٿ ڪڍي ويو.

گذريل ٻن عام چونڊن ۽ ٻن مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان مقابلو ڪندڙ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ قوم پرست پارٽين مان صرف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ جي ايم سيد جو خاندان آھي جيڪي ھر اليڪشن ۾ مقابلو ڪري ٿو سندن سڪرنڊ ۽ سيوھڻ وارن تڪن تي چڱو خاصوسياسي  اثر ۽ ووٽ آھي.

گذريل ٻن عام چونڊن توڙي ٻن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ جي ڊي اي  جي نمائندگي وڌڻ  بجاءِ گهٽجندي رھي آھي .2016ع جي بلدياتي چونڊن ۾ پوري سنڌ ۾ جي ڊي اي وٽ ھڪ به ضلعي ڪائونسل جي  چيئرميني نه ھئي. تازو سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي 14 ضلعن ۾ ڪرايل چونڊ نتيجن ۾ جي ڊي اي جو ڪنھن به ضلعي ڪائونسل جي سربراھه چونڊجڻ جو ڪوبه امڪان نه رھيو آھي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ضلعي ڪائونسل توڙي اڪثر ٽائون ڪاميٽين ۽ ميونسپل ڪاميٽين تي وڏي اڪثريت سان چونڊجي آھي. ٻئي طرف قوم پرست پارٽين خاص طور تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مڪاني ادارن جي پھرين مرحلي جي چونڊ ۾ ڪارگردگي مايوس ڪن رھي، پارٽي ھڪ يونين ڪائونسل به (مڪمل) کٽي نه سگھي، ايس يو پي کي شھيد بي نظيرآباد ضلعي جي صرف ٻن يونين ڪائونسل جي چيئرميني،وائيس چيئرميني تي  ڪاميابي ملي، ضلعي ڪائونسل تي پڻ صرف ھڪ ميمبر چونڊجي سگھيو، ڪائونسلرن جون ٽوٽل 12 سيٽون کٽيون جن ۾ 11 تي شھيد بينظيرآباد ضلعي مان ۽ ھڪ سيٽ  ڪشمور ضلعي مان کٽي. جي  ڊي اي جي اتحاد کي ضلعي ڪائونسلرن جي ميمبرن مان، سانگهڙ ضلعي جي 73 يونين ڪائونسلن مان 20 تي، خيرپور جي 88 يونين ڪائونسل مان 14 تي، گهوٽڪي جي 66 يونين ڪائونسل مان 20 تي، نوشھروفيروز جي 68 يونين ڪائونسل مان صرف چئن تي ڪاميابي ملي.جيڪا سنڌ ۾ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جھڙي وسيع اتحاد جي ناڪامي آھي.

تازو سينيٽ جي ٿيل اليڪشن ۾ سيد صدرالدين شاھه پليٽ ۾ مليل سيٽ به کٽي نه سگھيو، پاڪستان تحريڪ انصاف، جي ڊي اي کان سندن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جا سينيٽ چونڊ ۾ ته ووٽ وٺي وئي پر سيد صدرالدين شاھه کي سينيٽ جي جنرل سيٽ تي گھربل ووٽ نه ڏنا جنھن ڪري پاڻ سينيٽر نه بڻجي سگهيو.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو 2023ع جي عام چونڊن ۾ ڪيترو فائدو ٿيندو اھو ايندڙ وقت تي ڇڏيل آھي.

[email protected]