تماشگاه … بي بي سي اردو ريڊيو بند ٿي ويو

0
215
تماش گاهه ... دولت جي اڍنگي نمائش

 بي بي سي اردو ايف ايم نيوز جو آخري پروگرام به ختم ڪري ريڊيو کي ئي خدا حافظ چئي ڇڏيو. هاڻي بي بي سي اردو نالي جي ڪابه سروس ناهي رهي. پهرين مرحلي ۾ صبح جي وقت نشر ٿيندڙ پروگرام “جهان نما” بند ڪيو ويو هو. پوءِ رات جي وقت گهڻو ٻڌجندڙ پروگرام “شب نامه” کي بند ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ هڪ ڪلاڪ نشر ٿيندڙ “سير بين” پروگرام جو وقت گهٽائي اڌ ڪلاڪ ڪيو ويو. انهن پروگرامن کي بند ڪرڻ جو بنيادي سبب بي بي سي اردو جي سربراهه مهوش حسين اهو ٻڌايو هو ته ٻڌندڙن جي انگ ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ چيو هو ته ايف ايم تي اردو خبرون هلنديون رهنديون ۽ ڊجيٽل سروس به جاري رهندي. هاڻي ايف ايم سروس جو آخري بليٽن به 31 ڊسمبر 2022ع تي شام 7 وڳي نشر ٿيڻ کانپوءِ بند ڪيو ويو آهي. مان جڏهن ڪم شروع ڪيو هو ته فون تي خبرون لکائڻيون پونديون هيون ۽ سائونڊ افيڪٽس به فون تي رڪارڊ ڪرڻو پوندو هو. ٽيڪنالاجي تبديل ٿي ته خبرون رڪارڊ ڪري اي ميل ذريعي موڪليون وينديون هيون. ان کان پوءِ سافٽ ويئر مليو جنهن ۾ رڪارڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جي سهولت موجود آهي، ان تي ڪم ڪندا هئاسين،  پوءِ ايف ٽي پي ذريعي موڪلي ڇڏيندا هئاسين. بي بي سي ايف ٽي پي جو سلسلو ختم ڪيو ته خبرون اي ميل ڪيون وينديون هيون. نشريات جون سهولتون وڌيون. ان ڪري سير بين کي به ريڊيو کي الوداع چوڻو پيو. چيو ويو هو ته اردو خبرون ايف ايم ريڊيو کان علاوه سوشل ميڊيا ذريعي به ٻڌندڙن کي ملنديون جيڪي هاڻي بند ٿي ويون آهن. بي بي سي اردو سروس 1949ع ۾ شروع ڪئي هئي. 1949ع کان 2023ع تائين اردو سروس ڪيترن ئي هيٺانهين مٿانهين مان گذري آهي. هندي سروس 1940ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.

پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ سبب ملڪ جو وڏو علائقو اڃا تائين ريڊيو تي ڀاڙيندو آهي. جن شهرن ۾ ڪيبل پهچي چڪي آهي، اتي ريڊيو ٻڌندڙن جو انگ گهٽجي ويو آهي. انهن شهرن ۾ ريڊيو سيٽ خالي رهجي ويا آهن. ان ڳالهه جو اندازو مون کي گهڻو اڳ اهڙي ريت ٿيو هو جو ٿر پارڪر جي هڪ خبر ڪرڻ کان پوءِ هڪ چوڪ تي ويٺل ماڻهن سان گهيريل هيس. مان خبر ٻڌڻ چاهيان پيو، مان پنهنجي آس پاس موجود ماڻهن کان پڇيو ته ڪنهن وٽ ريڊيو سيٽ موجود آهي ته اهو کڻي اچي، تقريبن سڀني انڪار ڪيو. ان جي برعڪس ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اڄ به ريڊيو سيٽ هر گهر جي زينت بڻيل آهي.

ڪافي عرصي کان مان پنهنجي راءِ رکندو هيس ته پاڪستان ۾ ٻڌندڙن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي. هڪ دفعي ته مون ان ڳالهه جو اظهار عباس ناصر جيڪو ان وقت اردو سروس جو سربراهه به هو، سان به ڪئي هئي، پر جواب ۾ هن اصرار ڪيو هو ته بي بي سي طرفان سروي ڪندڙ ٽيم جي راءِ مختلف آهي، يعني اها ان ۾ واڌ ٻڌائيندي هئي. بي بي سي جي ٻڌندڙن جي انگ ۾ اضافي لاءِ بي بي سي اردو بي بي سي سنگت جي عنوان سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پروگرام ڪيا هئا، ان جو مقصد ٻڌندڙن جو انگ وڌائڻ هو.ڪو وقت هو جڏهن ماءُ پيءُ پنهنجي ٻارن کي اردو بهتر بڻائڻ لاءِ بي بي سي ٻڌڻ جي صلاح ڏيندا هئا. ڪو وقت هو جڏهن لفظن جي ادائگي سان گڏوگڏ ادائگي جو طريقيڪار تي به ڀرپور ڌيان ڏنو ويندو هو جيڪا بي بي سي اردو جي خاصيت هئي. پنهنجي رپورٽرن جا اچار درست ڪرڻ لاءِ دردانه انصاري جهڙي ماهر عورت ۽ ٻيا درجنين ماڻهو هوندا هئا. دردانه ته ڪيترائي ڀيرا منهنجي اچار به درست ڪيا هئا. رپورٽرن ۽ پروڊيوسرن جي ڀرتين ڇنڊڇاڻ ڪري ڪئي ويندي هئي. هڪ سينيئر پروڊيوسر راشد اشرف چوندو هو ته پروڊيوسرن تي ڪا به پابندي ناهي هوندي بلڪ خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ انهن کان جواب طلب ڪيو ويندو آهي.  رپورٽرن جو معاملو به اهڙو ئي هو ته هنن کي خبر ڏيندي وقت پروڊيوسر ۽ پروگرام ايڊيٽر جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو هو. بي بي سي ۾ هڪ غلط خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ اهو قاعدو ٺاهيو ويو ته ضروري ناهي ته رپورٽر جي خبر سڀ کان پهرين نشر ٿئي، پر اهو ضروري هوندو ته اها صحيح خبر سان گڏ ڀلي ٻئي نمبر تي ئي رهي. مون 1988ع ۾ بي بي سي لاءِ فري لانسر جي حيثيت سان رپورٽنگ شروع ڪئي، بعد ۾ هڪ باقاعده پگهاردار ملازم بڻجي ويو هيس. مون کي اهو فخر حاصل آهي ته منهنجي هڪ به خبر غلط ثابت نه ٿي. اهڙا ڪيترائي مرحلا آيا جڏهن قدم گهڻو احتياط سان کڻڻا پوندا هئا. منهنجون ڪيتريون ئي خبرون خاص ڪري ٽنڊي بهاول جو خوفناڪ ۽ دل ڏاريندڙ واقعو جنهن ۾ هڪ ميجر ارشد جميل جنجوعه هڪ درجن ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو هو تاريخ جو حصو آهي. ميجر کي بعد ۾ ڦاهي جي سزا ڏني وئي هئي. اها خبر پهريان بي بي سي پاران ئي نشر ڪئي وئي هئي. مير مرتضيٰ ڀٽو جي تدفين جي موقعي تي ئي هن جي بيواه غنويٰ ڀٽو سان قبرستان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾، مان ڪامياب رهيو هيس. انهن خبرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي ۽ ڪيترين خبرن جا ته قصا آهن. انهن قصن مان ته ڪيترائي قصا کوکراپار واري ڪمال کي به ياد آهن. ڪمال کي اهو ڪمال حاصل آهي ته اهو بي بي سي ريڊيو تي ڪم ڪندڙ مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي نقل ڪري وٺندو هو. بي بي سي اردو ٻڌڻ وارا ماڻهو به گهٽجي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي صرف سير بين بليٽن جي شروعاتي موسيقي ٻڌندا هئا.

هونئن ته بي بي سي اردو سروس جي مختلف دورن ۾ سوين معتبر ماڻهن جا نالا اچن ٿا جيڪي بي بي سي سان وابسته رهيا ۽ انهن سير بين کي مشهور ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر منهنجي دور ۾ رضا علي عابدي، آصف جيلاني، علي احمد خان، دردانه انصاري، مهه پاره صفدر، ارجمند بانو، شفيع نقي جامعي، وسعت الله خان، مهوش حسين، ڪاشف قمر ۽ ٻين ماڻهن کي ڊگھي عرصي تائين انهن کي پنهنجي انفرادي انداز ۾ خبرون پڙهڻ، پروگرام پيش ڪرڻ ۽ آواز شامل ڪرڻ تي ياد رکيو ويندو. سير بين جي مختلف پروگرامن سائنس ڪلب، شاهين ڪلب، کيل ڪي ميدان سي، آج ڪا سوال ۽ ٻياڪيترا ئي پروگرام ٻڌندڙن کي اڄ به  ياد آهن. بي بي سي ايف ايم لاءِ خبرن جي سلسلي ۾ عبيد ملڪ، ڪاشان اڪمل، آسيه عنصر، ناديه سليمان، نازش فيض، نازش ظفر، سعد سهيل، صبا ناز، ثنا گلزار انهن ستر سالن ۾ بي بي سي اردو سروس سان ڪيترائي صحافي ۽ ماڻهو لاڳاپيل رهيا ۽ انهن ئي سالن ۾ بي بي سي اردو جا مختلف دور آهن. آخر ۾ ته بي بي سي اردو جي نشريات لنڊن کان اسلام آباد منتقل ڪئي وئي هئي، جيڪا اسلام آباد جي هڪ اسٽوڊيو مان نشر ڪئي ويندي هئي. نالن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. سڀ پنهنجون يادون ڇڏي ويا. منهنجي دور ۾ پاڪستان مان  مون کانسواءِ رپورٽنگ ڪندڙن ۾ وسعت الله خان، اقبال جعفري، ظفر عباس، ادريس بختيار، هارون رشيد، رحيم الله يوسفزئي، ايوب ترين، علي حسن، رياض سهيل، ارمان صابر، شاهد ملڪ (لندن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ شاهد ملڪ لاهور مان نمائندگي ڪندو هو)، ِ علي سلمان، اعجاز مهر، عزيز الله خان وغيره جا نالا مشهور ٿيا. هاڻي جڏهن اردو ريڊيو ئي بند ڪيو ويو آهي ته ٻڌندڙن کي بهرحال بي بي سي اردو جون خبرون ۽ پروگرام ٻڌڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ نه ملنديون. چيو وڃي ٿو ته خبرون ڏنيون وينديون آهن پر ٻين ذريعن کان، اهي ٻيا ذريعا گهٽ ۾ گهٽ اڃا تائين عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ته پري ئي آهن، ڇو ته انهن جي مالي طاقت سمارٽ فون خريد ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي.