سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي: حارث نواز

0
121

ملير: نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، قانوني دستاويز رکندڙ پرڏيهين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي

نگران وزير خدا بخش مري جي ڀاءُ جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته صحافين جي ڌرڻو هڻڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، صحافي ڌرڻو هڻي ڪنهن تي دٻاءُ وجهندا؟

 نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز وڌيڪ چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل ڪچي ۾ درياهه جو پاڻي هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهيا آهن

هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ٻن مهينن اندر 40 کان وڌيڪ ڦورو ماريا ويا آهن، اڃا ڪجهه وارداتون ٿي رهيون آهن انهن جو به جلد خاتمو ٿيندو

هي به پڙهندا

سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو