ٺاروشاهه: ٺاروشاھ  ڀرسان درٻيلو ۾  ھٿياربندن ھٿان اغوا بعد مزانحمت تي گوليون ھنڻي شھيد ڪيل پوليس اھلڪار جابر راجپوت جي جنازي نماز درٻيلو ۾ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس اي پي نوشھروفيروز عابد بلوچ سميت مختلف سياسي و سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪءي جنازي نماز بعد پوليس سلامي پيش ڪري سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.