سنڌ سرڪار مقتول شاهد راهمون جي خون سان انصاف ڪري، نه ته احتجاج ۾ پاڻ شريڪ ٿيندس: شاهه محمود قريشي

0
254
سنڌ سرڪار مقتول شاهد راهمون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آل ٿرپارڪر مزدور برادرز پاران شاهد راهمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مظاهري کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٽيليفون ذريعي خطاب ڪيو

عبدالوحيد راهمون، پي ٽي آء اڳواڻ نظام الدين راهمون، عبدالصمد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو

احتجاجي مظاهري کي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو ٽيلفونڪ خطاب ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪري، انصاف نه مليو ته راهمان برادري جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي احتجاج ۾ پاڻ شريڪ ٿيندس

جڏهن ته مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٿر واسين کي قتل ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي، احتجاجي مظاهري ۾ پي ٽي آء اڳواڻ امين سنگراسي, ولي محمد راهمون ۽ ٿر واسين جو وڏو انگ موجود هو