نيب، ڪي پي جي صوبائي وزير تيمور جهڳڙا  جي پي اي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

0
261
واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين

پشاور: قومي احتساب بيورو (نيب) صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا جي پرسنل اسسٽنٽ (پي اي) خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان جاري ڪيل بيان موجب تيمور سليم جهڳڙا جي پي اي ارسلان انجم خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جاري آهي، جنهن لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري کان ارسلان انجم بابت سمورو رڪارڊ طلب ڪيو ويو

نيب ناڻي واري سيڪريٽري کي ارسلان انجم جي دور ۾ حاصل ڪيل ٻين فائدن جا تفصيل به جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٻئي طرف نيب ارسلان انجم ڪي پي اي جي کاتي ۾ جمع ڪرايل بيان جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.