سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز بابت نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا

0
384
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز بابت نوان حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ڪورونا ايس او پيز تحت پابنديون برقرار رھنديون، ڪراچي جمعي ۽ آچر تي جڏهن ته حيدرآباد ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪاروبار بند رھندو.

نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ڪاروباري سرگرميون رات جو 8 وڳي بند ٿي وينديون، جڏهن ته صوبي جي ٻين ڊويزنن ۾ صرف جمعي تي ڪاروبار بند رھندو، عام ڏينھن ۾ رات 10 وڳي تائين ڪاروبار بند ڪيو ويندو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزنن ۾ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي، آئوٽ ڊور ڊائننگ جي رات 10 وڳي تائين اجازت هوندي، ھوٽلن تي صرف ويڪسينٽيڊ ڪسٽمرز کي رات 12 وڳي تائين آئوٽ ڊور ۽ ان ڊور ڊائننگ سروس فراھم ڪرڻ جي اجازت هوندي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ ان ڊور شادي تقريبن تي پابندي، آئوٽ ڊور شادي تقريبون رات 10 وڳي تائين ٿي سگھنديون، 300 ماڻھن جي شرڪت جي اجازت،

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي ٻين ڊويزنن ۾ آئوٽ ڊور ۽ ان ڊور شادي تقريبن جي مشروط اجازت هوندي، آئوٽ ڊور تقريب ۾ 400 ۽ ان ڊور تقريب ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻھو شرڪت نه ڪري سگھندا.

ڪراچي ۽ حيدرباد ڊويزنن ۾ درگاھون بند رھنديون، ٻين ڊويزنن ۾ درگاھون ضلعي انتظاميا ۽ اوقاف کاتي جي ھدايتن تي کلي سگھن ٿيون، سڄي صوبي ۾ سينيمائن تي پابندي برقرار رهندي مذھبي، سياسي ثقافتي ۽ ميوزيڪل ان ڊور پروگرامن تي پابندي برقرار هوندي جڏهن ته آئوٽ ڊور پروگرامن جي مشروط اجازت هوندي.