يمن ۾ فوجي اڏي تي حملو، ڪيترائي فوجي مارجي ويا

0
400

ڪراچي(م ڊ) يمن ۾ جي صوبي لحج ۾ فوجي اڏي تي حملي تي جي نتيجي ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا.ميڊيا رپورٽس موجب يمني فوجي جي ترجمان محمد النقيب جو چوڻ آهي ته فوجي اڏي تي حملي جي نتيجي ۾ حڪومت جي حمايتي تقريبن 30 کان 40 فوجي مارجي ويا جڏهن ته 6 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ميڊيا رپورٽس موجب هي واضح نه ٿي سگهيو آهي ته مارجي ويلن ۾ عام شهري به شامل آهن يا نه، الاناد ايئر بيس تي حملي کانپوءِ لاشن ۽ زخمي کي صوبي جي مرڪزي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

يمني فوج طرفان الزام مڙهيو ويو آهي آهي ته فوجي اڏي تي ميزائل ۽ ڊرون سان حملو حوثي ويڙهاڪن ڪيو، پر حوثي ويڙهاڪن حملي بابت اڃا تائين ڪو به بيان نه ڏنو آهي.