ڪراچي : سنڌ حڪومت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين ۽ 21هين گريڊ جي ڪامورن کي مختلف کاتن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. 21هين گريڊ جو ڪامورو قاضي شاهد پرويز بورڊ اينڊ يونيورسٽيز کاتي جو سيڪريٽري مقرر، جڏهن ته علم الدين بلو کان اضافي چارج واپس ورتي وئي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جو نياز عباسي ايم ڊي ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي مقرر، راجا خرم شهزاد کي بين الصوبائي معاملن واري کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته دانش سعيد ڪي ايم سي ۾ ميونسپل ڪمشنر مقرر. نوٽيفڪيشن موجب افضال زيدي کي ميونسپل ڪمشنر واري عهدي تان بدلي ڪري ڪلڪ پراجيڪٽ ۾ پي ڊي مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن گورنر هائوس سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري ناصر اقبال ملڪ کي بدلي ڪري انساني حقن واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ پرويز سيهڙ کان اضافي چارج واپس ورتي وئي.