ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائيندي اين اي 249 تي ضمني اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ ڄانايو ويو آهي ته سنڌ جي صحت کاتي جي رپورٽ موجب ، اين اي 249 سميت ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌي ويا آهن، صحت کاتي مطابق، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح 3 سيڪڙو کان وڌي ڪري 7.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي، صحت کاتي وٽ 400 آئي سي يو ، ايڇ ڊي يو جا بيڊ هئا جيڪي سڀ ڀرجي چڪا آهن. سنڌ سرڪار خط ۾ لکيو آهي ته اين اي 249 ۾ جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن، تنهنڪري تڪ ۾ ضمني چونڊ ڪورونا جي ٽئين لهر جي خاتمي تائين ملتوي ڪئي وڃي.