ننگر پارڪر: ننگرپارڪر ۾ ٽي ڏينهن اڳ چائناڪلي فيڪٽرين، لوڻ جي کاڻين ۽ پيٽرول پمپن خلاف ڪارووائي ڪندڙ وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي ڊپٽي ڪنزرويٽر معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيندڙن ۾ گيم آفيسر اسد مري، گيم واچر اختر ۽ گيم واچر عثمان ڪنڀر شامل آهن. آفيس آرڊر ۾ ڊپٽي ڪنزرويٽر ڄاڻايو آهي ته هنن ڪٽيل ايف آءِ آرن ۾ فوتي ڄاڻايل فيڪٽري مالڪن جا نالا شامل ڪيا آهن .