ڪراچي (م.ڊ) نئين دهلي کان هانگ ڪانگ ڏانهن ويندڙ انڊين ايئر لائن جي اڏام ۾ 47 مسافرن جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ هانگ ڪانگ هندستان کان سمورين ڪمرشل اڏامن تي 2 هفتن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هانگ ڪانگ پاڪستان کي پڻ پابندين جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين مطابق ڪورونا پازيٽو جا سڀئي مسافر انڊين وستارا ايئر لائن ذريعي هانگ ڪانگ پهچي چڪا هئا. اهلڪارن موجب هانگ ڪانگ ايندڙ اڏام ۾ 188 مسافر سوار هئا ، جن سڀني جي ايئرپورٽ تي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 47 مسافرن جي ٽيسٽ مثبت آئي.