ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت منشيات جي عادي ماڻهن (موالين) جي بحالي لاءِ ادارا ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ جي صدارت هيٺ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن کي بحالي لاءِ قائم ٿيندڙ ادارا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايا ويندا. سنڌ حڪومت ادارا ٺاهڻ لاءِ فنڊ، عمارتون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪندي، خانگي شعبو اداري جا انتظام سنڀاليندو. چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ادارا ٺاهڻ جي حوالي سان ضروري گھرجون پوريون ڪيون وڃن. چيف سيڪريٽري چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي سان اسٽريٽ ڪرائيم ۾ گهٽتائي ايندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته منشيات جي عادي ماڻهن کي 3 مهينن جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي.