سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون نٿي روڪرائي سگهي: شرجيل انعام ميمڻ

0
270

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون نٿي روڪرائي سگهي
اُن کان اڳ سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب کي قانوني ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت جو ٽاسڪ ڏنو هو
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کانپوءِ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو نئون بيان سامهون آيو آهي
شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪوبه آرڊيننس نه پئي آڻي
صوبائي وزير چيو ته فوج پولنگ اسٽيشنز تي اهلڪار مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تڪبندين جو نوٽيفڪيشن ايم ڪيوا يم پاڪستان جي مطالبي تي واپس ورتو هو، اليڪشن ڪميشن اسان جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو آهي
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، امن امان برقرار رکڻ پوليس ۽ رينجرز جي ذميواري آهي

هن کي به پڙهندا

متحده پاڪستان طرفان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مڃڻ کان انڪار

سنڌ سرڪار پاران مڪاني چونڊون روڪرائڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ  تي غور

سنڌ حڪومت جو فيصلو رد: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ سنڌ سرڪار جو آئيني اختيار آهي: شرجيل ميمڻ