مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ سنڌ سرڪار جو آئيني اختيار آهي: شرجيل ميمڻ

0
234

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ سنڌ سرڪار جو آئيني اختيار آهي، اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي اختيارن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن جي آرڊر جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪنداسين
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته تڪبندين بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ سنڌ جو آئيني اختيار هو، وفاقي سرڪار مڪاني چونڊن لاءِ فوج ۽ رينجرز جي مقرريءَ کان معذرت ڪئي
هن چيو ته ايم ڪيو ايم تڪبندين بابت خدشن جو اظهار ڪيو، نئين تڪبندين ۽ سيڪيورٽي انتظامن تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي
شرجيل ميمڻ چيو ته دادو جي ٻن تعلقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو، قانوني ماهرن سان مشاورت بعد حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين