سنڌ حڪومت مختلف کاتن جَي 119 ڪامورن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جِي منظوري ڏئي ڇڏي

0
313
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مختلف کاتن جَي 119 ڪامورن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جِي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري جِي صدارت هيٺ اجلاس دوران گهرو کاتي جي معراج احمد کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي طور ترقي ڏيڻ جي منظوري، صحت کاتي جي 97 ميڊيڪل آفيسرن کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي، زراعت کاتي جَي ليمون ڪمار، عامر گوهر، انور پٺاڻ، آفتاب کوکر، ذوالفقار جاگيراڻي، شنڪر لال، عثمان جاگيراڻي سميت 19 ڄڻن کي ڊائريڪٽر طور ترقين جِي منظوري ڏني وئي آھي.ترقي ملندڙن ۾ ليمون ڪمار، عامر گوھر خان، انور احمد پٺاڻ، آفتاب علي کوکر، محمد عثمان جاگيراڻي، ريحان الدين احمد، الله وسايو ڪليري، غلام مصطفيٰ نانگراج، شير حسين چانڊيو، احمد ڏيپر، محمد حسين اڄڻ، عبدالرئوف مگسي، عليم عبدالله راڄپوت، آغا طفيل، بشير احمد ڪلھوڙو، عبدالقيوم راڄپوت، ممتازعلي اعواڻ ۽ ٻيا شامل آھن.