نائن اليون کانپوءِ پاڪستان امريڪي جنگ جو حصو بڻيو: وزيراعظم

0
261
افغانستان ۾ گهرو ويڙهه

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزير اعظم عمران خان امريڪا سان مهذب لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته نائن اليون کانپوءِ پاڪستان امريڪي جنگ جو حصو بڻيو، جنهن بعد پاڪستان ۾ آپگهاتي ڌماڪا شروع ٿيا: امريڪي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته امريڪي جنگ ۾ 70 هزار پاڪستاني شهري شهيد ٿيا ۽ 150 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، هاڻ پاڪستان امريڪا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي.