ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ حڪومت صوبائي واري راڄڌاني واري شهر ڪراچي کي ڇڏي لاڙڪاڻي، سکر ۽ حيدرآباد کانپوءِ ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به ميونسپل ڪارپوريشنز قائم ڪرڻ ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن توڙي 5 ڊويزنل هيڊڪوارٽرز وارين ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ ٽائون نظام آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي شهر ۾ هلندڙ 7 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنن ۽ ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه ايوان ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) ايڪٽ 2021 پيش ڪندي چيو ته اسان پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ متحده جي دوستن جي ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ ٽائون نظام آڻڻ واري تجويزن تي عمل ڪندي ڪراچي سميت سمورن ميونسپل ڪارپوريشنز ۾ ٽائون نظام متعارف ڪرائي رهيا آهيون، هن بل جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ 5 کان ساڍا 7 لک آبادي تي مختلف ٽائون ٺاهيا ويندا، جڏهن ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ سوا لک کان ساڍا ٽي لک آبادي تي ٽائون ٺاهيا ويندا، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن توڙي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ يونين ڪاميٽيون پڻ هونديون، ميٽروپوليٽن جي يونين ڪاميٽي 45 کان 75 هزار آبادي تي مشتمل هوندي، جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي 10 کان 25 هزار آبادي رکندڙ هوندي، يونين ڪاميٽين جا وائيس چيئرمين ٽائونن جا ميمبر ٿي سگهندا، جڏهن ته يونين ڪاميٽين جا چيئرمين وري ميٽروپوليٽن ۽ ميونسپل ڪارپوريشنز جا ميمبر هوندا، هن چيو ته ميئرن ڊپٽي ميئرن چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن کي سندن لاڳاپيل ايوان جا ميمبر چونڊيندا، جڏهن ته سندن مدو 4 سال هوندو، جيڪو قسم کڻڻ واري تاريخ کان ڳڻپ ڪيو ويندو، هن چيو ته نئين ترميمي ايڪٽ هيٺ ميونسپل ڪاميٽيون 50 هزار کان 3 لک آبادي جي بنياد تي ٺاهي سگهبيون، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي لاءِ 15 کان 50 هزار آبادي گهربل هوندي، ناصر شاهه ٻڌايو ته ميونسپل ڪاميٽي جو وارڊ ساڍا 4 هزار کان 7 هزار آبادي تي ٻڌل هوندو، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جو وارڊ 2500 کان 5 هزار آبادي تي جوڙي سگهبو. صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميونسپل سروسز جي ذميواري مڪاني ادارن جي حوالي ئي رهندي، رڳو ڪراچي شهر ۾ ڪم ڪندڙ واٽر بورڊ، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ۽ بلڊنگ اٿارٽي ۾ ڪي ايم سي جي ميئر کي مناسب ڪردار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي تجويزن تي شهري علائقن ۾ ٽائون سسٽم آندو آهي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته بل جلدي ۾ انهي ڪري پاس ڪرايو ويو، جو اليڪشن ڪميشن پهرين ڊسمبر کان تڪبندين جي وارننگ ڏني هئي، اسان اعتراضن باوجود مجبوري ۾ پراڻي آدمشماري قبول ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته مارچ کان اڳ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن