ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ  جي معيشت اڃا دٻاءُ جو شڪار آهي  غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسانجي حڪمت عملي آهي ته معيشت کي 6 کان 7 سيڪڙو وڌايو وڃي ته جيئن غربت ۾ گهٽتائي لاءِ هر سال 6 لک کان وڌيڪ نوڪريون پيدا ڪري سگھون پر  11-2010 جي ٻوڏن، ڪورونا وائرس ۽ هاڻي 2022 جي ٻوڏ سبب اھا حڪمت عملي متاثر ٿي آهي. ڪالھه وزيراعليٰ هائوس ۾ 49هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام  ۽ ابتدائي ڪمانڊ ڪورس جي 35 اي ايس پيز کي خطاب ڪندي ھن چيو ته  ڪراچي ۽ ٻين شهري مرڪزن تي ڌيان ڏيندي شهري ترقي، پاڻي ۽ صفائي جون اسڪيمون شروع ڪرڻ، رابطن کي بهتر بڻائڻ، مربوط زراعت لاءِ پاڻي کي محفوظ بڻائڻ وارن منصوبن تي ڪم ڪريون پيا. سنڌ حڪومت آسان ڪاروبار ڪرڻ ۾ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم سڌارا ڪيا آهن جنهن سان ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ جي درجابندي بهتر ٿي وئي آهي.  ننڍن ۽ وچولي ادارن لاءِ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ سيڙپڪاري کاتي ۾ هڪ ڊوئنگ بزنس ريفارمز يونٽ جوڙيو آهي ته جيئن ڪاروبار دوست ريگيوليٽري سڌارن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. اسپيشل اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني ذريعي سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ماڊل طور اسپيشل اڪنامڪ زونز ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته  ورلڊ بينڪ سان گڏجي ’پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائيزيشن انيشيٽو‘ تي  به سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن صوبي ۾ ڪاروباري ضابطن کي آسان بڻائي سگهجي ـ  ھن چيو ته سنڌ حڪومت خدمت جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، پيداوار ۽ سماجي شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اهم سڌارا ڪيا آهن، سنڌ حڪومت پنهنجي ٽيڪس اوڳاڙي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي سڌارا متعارف ڪرايا آهن خاص طور تي سنڌ روينيو بورڊ ذريعي ’سيلز ٽيڪس آن سروسز‘ جي منتقلي وغيره. هن وڌيڪ چيو ته ايس ٽي ايس ۾ 2010ع ۾ 16 ارب رپيا ۽ 2021ع ۾ 155 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.  سنڌ هڪ مثالي ترقي ۽ بهترين آمدني وارو خطو بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر ان صلاحيت کي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گورننس جي مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو.