شرم الشيخ(م ڊ) ماحوليات بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ احتجاج به جاري آهي جنهن مان ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. ماحوليات لاءِ جاکوڙيندڙ گريٽا ٿنبرگ جو چوڻ آهي ته مصر ۾ قيدي اعليٰ عبدال فتاح ڪانفرنس جي ابتدا کان وٺي مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ هن پاڻي پيئڻ به ڇڏي ڏنو آهي. موسمياتي انصاف فراهم نه ڪندڙ هي نظام مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي.