لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مزمل اختر سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر طرفان معطلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ کي اختيار آهي ته هو معطلي واري معاملي کي ڏسي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هڪ وفاقي وزير خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي، انڪري سي سي پي او کي نشانو بڻايو ويو، ٻن حڪومتن جي معاملي ۾ هڪ سول سرونٽ جي حقن جو تحفظ ضروري آهي. عدالت چيو ته ظاهري طور اهو اختيار سپريم ڪورٽ کي ته آهي پر هاءِ ڪورٽ کي ڪيئن اختيار آهي، ان تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته عدالت ان جو جائزو وٺي سگهي ٿي. وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو ته سي سي پي او کي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڪرڻ جو چيو جنهن تي عمل نه ٿيو، رپورٽ نه ڪرڻ تي معطلي جو حڪم جاري ڪيو ويو . جسٽس مزمل اختر چيو ته عدالت جو سوال اهو آهي ته هاءِ ڪورٽ کي ان معاملي جي ٻڌڻي جو اختيار ڪيئن آهي؟ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ان درخواست جي ٻڌڻي جو اختيار ناهي. عدالت سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي معطلي خلاف درخواست کي ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي اڪلائي ڇڏي.